نڪور خبرون
Home / پاڪستان / اسان معاشي جاگرافيات کي مٽجندي ڏسي رهيا آهيون: شاهه محمود قريشي

اسان معاشي جاگرافيات کي مٽجندي ڏسي رهيا آهيون: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (مانتيڙنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان جي حڪومت پاڪ چين اقتصادي راهداريءَ جي منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو 6 سالن ۾ اقتصادي سهڪار عالمگيريت جي واحد عنصر طور سامهون آيو. توانائي ۽ انفراسٽرڪچر بابت منصوبا پورا ٿيڻ اسان جي معيشت لاءِ فائديمند ثابت ٿيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ بيلٽ اينڊ روڊ جي موضوع تي منعقد ٿيل عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 2013ع ۾ شروع ٿيل بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو 6 سالن ۾ اقتصادي سهڪار ۽ عالمگيريت جي واحد عنصر طور سامهون آيو آهي. هن انسٽيٽيٽوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز، چيني سفارتخاني ۽ پاور چائنا کي خراج تحسين پيش ڪيو جن ان اهم موضوع تي پاڪ چين جي ماهرن ۽ ٿنڪ ٽنڪس کي ان ڪانفرنس ۾ گهرايو. هن فارين سروس اڪيڊمي لاءِ نئين بلڊنگ جي پيشڪش تي چيني سفير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اسان فارين سروس اڪيڊمي کي نئين بلڊنگ ۾ منتقل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون ۽ انشاءَ الله ايئن ڪنداسين. هن چيو ته ورلڊ بئنڪ جي انگن اکرن مطابق بي آر آءِ جي پوري ٿيڻ سان سفر جي وقت ۾ 12 سيڪڙو گهٽتائي، واپاري ڳاڻيٽي ۾ 2.7 کان 9.7 سيڪڙو اضافو، انڪم جي شرح 3.4 سيڪڙو وڌڻ ۽ لکين ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ ۾ مدد ملندي. اسان جي خطي کي هن وقت چئن وڏن چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جن ۾ چين آمريڪا اقتصادي چٽاڀيٽي ، واپار بابت معاملا جيڪي عالمي معاشي استحڪام کي ناڪاري طور متاثر ڪري سگهن ٿا. ٻي نمبر تي ايران آمريڪا ڇڪتاڻ آهي جيڪا خطي ۾ معاشي ۽ امن امان جي حوالي سان عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ٽئين نمبر تي افغانستان جي صورتحال آهي، چوٿين نمبر تي اسان کي ڏکڻ ايشيا ۾ ڀارت جي هندو سوچ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڊي جي اسٽريٽجڪ اسٽڊيز پنهنجي شروعاتي جملن ۾ چيو آهي ته اسان معاشي جاگرافيات کي مٽجندي ڏسي رهيا آهيون. اهڙن حالتن ۾ بيلٽ اينڊ روڊ جهڙن اقتصادي ترقي جي منصوبن جي تعمير ۽ ترقي لاءِ نهايت فائديمند ثابت ٿيندا. ۽ پاڪستان کان وڌيڪ ان منصوبي جو حامي ڪير ٿي سگهي ٿو؟ جيڪو پهرين ئي بي آر آءِ جي اهم منصوبي پاڪ چين اقتصادي راهداري تي گامزن آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جي چيلنج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀ گڏ آهيون: فردوس عاشق

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے