نڪور خبرون
Home / پاڪستان / دعا آهي ته نواز شريف جلد ٺيڪ ٿي واپس وطن اچي: شهباز شريف

دعا آهي ته نواز شريف جلد ٺيڪ ٿي واپس وطن اچي: شهباز شريف

لنڊن (مانتيڙنگ ڊيسڪ) لنڊن ۾ علاج لاءِ پهتل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو اڄ پهريون طبي معائنو ڪيو ويندو. اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڀاءُ شهباز شريف لنڊن پهچي ويا، جتي نواز شريف جو ذاتي ڊاڪٽر عدنان به موجود آهي. رپورٽس موجب نواز شريف جو اڄ لنڊن ۾ طبي معائنو ڪرايو ويندو. اڳوڻي وزيراعظم جي لنڊن پهچڻ بعد حسين نواز چيو ته سندس والد نواز شريف جو علاج امريڪا ۾ ٿيڻ گهرجي، سندس علاج هڪ ئي ڇِت هيٺان ڪرڻ جي ضرورت آهي. في الحال سندن سمورو ڌيان نواز شريف جي تي آهي، اُن کانپوءِ ئي ٻين مامرن کي ڏٺو ويندو. نواز شريف جو علاج ڪٿي ٿيندو، اُن کي ڳجهو رکڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ جو سندس بيماري ۽ علاج کي سياسي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن کان پاسو ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ حسين نواز چيو ته ساڻس گڏ سوشل ميڊيا تي به ڪيترن ئي ماڻهن خدشي جو اظهار ڪيو هو ته ٿرمبو سائيٽو پينيا يعني انسان جي جسم ۾ پلي ليٽس گهٽجڻ جو هڪ ڪارڻ زهريلو مواد واپرائڻ به هوندو آهي، تنهن ڪري اِن مامري جي جاچ ٿيڻ گهرجي پر هن وقت سندس صحت پهرين ترجيح آهي. شهباز شريف جو بيان اپوزيشن ليڊر شهباز شريف لنڊن ۾ ڳالهائيندي چيو ته نواز شريف جو اڄ لندن ۾ چيڪ اپ ڪرايو ويندو، دعا آهي ته هو جلد صحتياب ٿي وطن واپس وڃي. سفر دوران نواز شريف جي علاج جون سموريون سهولتون موجود هيون. لنڊن ۾ پهرئين طبي معائني لاءِ ڊاڪٽر وٽ اپائنٽمينٽ رکي وئي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جي چيلنج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀ گڏ آهيون: فردوس عاشق

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے