نڪور خبرون
Home / پاڪستان / نواز شريف صحتياب ٿي واپس ايندو ته پوءِ ڀرپور سياسي منظر هوندو: خواجه آصف

نواز شريف صحتياب ٿي واپس ايندو ته پوءِ ڀرپور سياسي منظر هوندو: خواجه آصف

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ خواجه محمد آصف چيو آهي ته نواز شريف صحتياب ٿي واپس ايندو ته پوءِ ڀرپور سياسي منظر هوندو، ڪو به ان جي سامهون نه بيهندو، حڪومت جي 16 مهينن جي ڪارڪردگي ڏسي ڇڏي آهي، هي ڊگهي ڊوڙ جو گهوڙو نه آهي، عمران خان جا لفظ ان جو ساٿ نه پيا ڏين جنهن مان لڳي ٿو ته هو سخت دٻاءَ ۾ آهي، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته نواز شريف علاج لاءِ ٻاهر ويل آهي، انشالله صحتياب ٿي واپس ايندو، هن چيو ته عمران خان جو گذريل ڏينهن جو خطاب ڏٺو ته ان تي سخت دٻاءُ آهي ۽ سندس لفظ ساٿ نه پيا ڏين، جلد تحريڪ انصاف جي ڀت ڊهي پوندي، هن چيو ته مون کي ايمپائرن ۽ رانديگرن جي سياست سمجهه ۾ نه ٿي اچي، مان ته سياست جو ننڍڙو رانديگر آهيان، پر جيڪي ثبوت ۽ حڪومت جي 16 مهينن جي ڪارڪردگي آهي ان کي ڏسجي ٿو ته هي ڊگهي ڊوڙ جو گهوڙو نه آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪورونا جي چيلنج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان سڀ گڏ آهيون: فردوس عاشق

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے