Home / پاڪستان / سنيٽ ۾ ڀارتي الزامن خلاف گڏيل طور مذمتي ٺهراءُ منظور

سنيٽ ۾ ڀارتي الزامن خلاف گڏيل طور مذمتي ٺهراءُ منظور

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سينيٽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت ۽ پلواما حملي کانپوءِ ڀارتي الزامن خلاف مذمتي قرارداد گڏيل طور منظور ڪري ورتي. سينيٽ اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا ظفرالحق والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت ۽ پلواما حملي کانپوءِ ڀارتي الزامن خلاف قرارداد پيش ڪئي، قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته پلواما حملي کانپوءِ ڀارت پاڪستان تي بي بنياد الزام مڙهيا جڏهن ته ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪيون پيون وڃن. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ پلواما حملي جي جاچ لاءِ پاڪستاني حڪومت جي موقف جي حمايت ڪري ٿي، ڪشمير مسئلي تي او آءِ سي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ او آءِ سي جي اجلاس ۾ ڀارت کي نه گهرايو وڃي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے