Home / پاڪستان / ملڪ مان بدعنوانيَ جو خاتمو ۽ ڪرپشن جي ڪيسن کي منتقي انجام تائين پهچائڻ: جاويد اقبال

ملڪ مان بدعنوانيَ جو خاتمو ۽ ڪرپشن جي ڪيسن کي منتقي انجام تائين پهچائڻ: جاويد اقبال

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو اجلاس نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڊپٽي چيئرمين نيب، پراسيڪيوٽر جنرل نيب، ڊي جي آپريشن نيب ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ترجمان مطابق نيب جي اها پُراڻي پاليسي آهي ته ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس جي باري ۾ تفصيلن کان عوام کي آگاهه ڪيو ويندو آهي، جيڪو طريقيڪار ڪيترن ئي سالن کان رائج آهي، جنهن جو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ نه آهي، سموريون انڪوائريون ۽ انويسٽيگيشنز مبينه الزامن جي بنياد تي شروع ڪيون ويون آهن جيڪي حتمي ناهن. نيب قانون مطابق سمورن لاڳاپيل فردن کان انهن جو مؤقف معلوم ڪرڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو آهي. نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ التمش ميڊيڪل سوسائٽي جي مالڪن/ ڊائريڪٽرز ۽ ٻين خلاف انويسٽيگيشن ۽ سنڌ جي اڳوڻي وقتي آءِ جي غلام شبير شيخ ۽ ٻين خلاف انڪوائري ۾ اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ ٻين قانوني رُخن جو وڌيڪ جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. قومي احتساب بيورو جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ ڪي ڊي اي جي سنڌ حڪومت جي آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف انڪوائري معزز سپريم ڪورٽ جي روشنيءَ ۾ بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ ڊاڪٽر احمد نديم اڪبر، اڳوڻي رجسٽرار پي ايم ڊي، عمران تاج جنرل مئنيجر نيسپاڪ، آفتاب احمد ايسوسيئيٽ انجنيئر نيسپاڪ، فواد بٽ پروپرائيٽر آف ميسرز ڪنسٽرڪشن ايڪسپرٽ ۽ ٻيا شامل آهن جڏهن ته خيرپور آبپاشي سرڪل سکر جو اڳوڻو سپرينٽنڊٽ انجنيئر ۽ ٻيا، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروين نعيم شاهه ۽ ٻيا، ايس ايس پي آفيس جيڪب آباد جو اڳوڻو شيٽ ڪلارڪ منظور احمد ملڪ ۽ ٻين خلاف انويسٽيگيشنز جڏهن ته بورڊ آف روينيو جي آفيسرن ۽ اهلڪارن، ڊفينس هائوسنگ سوسائٽي ڪراچي، پورٽ قاسم اٿارٽي، ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ ٻين سميت سعيد احمد جکراڻي، اڳوڻو ڊائريڪٽر جنرل نارا ڪينال (سيڊا ميرپورخاص)، آبپاشي کاتي نصرت ڊويزن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن ۽ ٻين خلاف انڪوائريون هاڻي تائين عدم شاهدين جي بنياد تي قانون موجب بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. نيب چيئرمين چيو ته ملڪ مان بدعنوانيءَ جو خاتمو ۽ بدعنوان عنصرن کان لُٽيل رقم هٿ ڪرڻ سان گڏوگڏ ميگا ڪرپشن جي ڪيسن کي منتقي انجام تائين پهچائڻ نيب جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته نيب احتساب سڀني لاءِ جي پاليسيءَ تحت گذريل 23 مهينن ۾ 71 ارب رپيا سڌي ۽ اڻ سڌيءَ ريت بدعنوان عنصرن کان هٿ قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا ويا آهن. هن چيو ته نيب سزا ڏيارڻ جي مجموعي شرح 70 سيڪڙو آهي، نيب گذريل 23 مهينن ۾ 610 ڪيسن ۾ بدعنوانيءَ جا ريفرنس معزز احتساب عدالت ۾ دائر ڪيا آهن. هن چيو ته نيب جا ان وقت 1235 بدعنوانيءَ جا ريفرنسز احتساب عدالتن ۾ شنوائيءَ هيٺ آهن، جن جي ماليت تقريبن 900 ارب رپيا آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دعا منگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرائينداسين: ڪراچي پوليس

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي پوليس دعا منگي ڪيس ۾ شهرين کي ڄاڻ ڏيڻ جي اپيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے