Home / پاڪستان / وفاقي ڪابينا نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي مشروط منطوري ڏئي ڇڏي

وفاقي ڪابينا نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي مشروط منطوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ذريعن موجب اڱاري تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي مشروط منظوري ڏني وئي، ذريعن موجب حڪومت پاران نواز شريف کان سيڪيورٽي بانڊ جمع ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ ان جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويندو، سيڪيورٽي برانڊ جمع ڪرائڻ جي تجويز فروغ نسيم جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي ماتحت ڪميٽي جي اجلاس ۾ سامهون آئي، ان کان اڳ وفاقي ڪابينا جي ماتحت ڪميٽي جو اجلاس فروغ نسيم جي سربراهي ۾ ٿيو جنهن ۾ نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي حوالي سان غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ شهباز شريف جي نمائندگي نواز شريف جي ڊاڪٽر عدنان ۽ ن ليگ جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل عطا تارڙ ڪئي، جڏهن ته نيب جا 2 نمائندا ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار شهزاد اڪبر به شريڪ ٿيو، اجلاس ۾ حڪومتي ميمبرن موقف اختيار ڪيو ته نواز شريف جي علاج بابت ملڪ کان ٻاهر وڄڻ لاءِ نيب جو واضح موقف گهربل آهي، اجلاس ۾ موجود نمائندن واضح موقف ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي ماتحت ڪميٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب کي طلب ڪيو، ذريعن موجب نيب عملدارن اجلاس ۾ مڪمل رڪارڊ سان نه اچڻ تي ڪميٽي اجلاس اڍائي وڳي تائين ملتوي ڪيو ۽ نيب جي رويي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي موقف پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، فروغ نسيم چيو ته ان حوالي سان ميرٽ تي فيصلو ڪيو ويندو، نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو معاملو ٿورو مونجهيل آهي، کوڙ سارا دستاويز نيب کي آڻڻا هئا، ڌريون مڪمل دستاويز نه آندا جنهن سبب دير ٿي، اجلاس ۾ نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ اهو شرط رکيو ويو ته ضمانت طور کيس سيڪيورٽي بانڊ جمع ڪرائڻا پوندا، ذريعن موجب ضمانت فروغ نسيم، پاران شهباز شريف جي نمائندي کان گهري وئي، جڏهن ته اجلاس ڪنهن حتمي فيصلي کانسواءِ ملتوي ٿي ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نواز شريف پاران سيڪيورٽي بانڊ جمع ڪرايو وڃي ٿو ته ماتحت ڪميٽي ان جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو اعلان ڪري سگهي ٿي ۽ هاڻ ان لاءِ وفاقي ڪابينا کان وڌيڪ اجازت وٺڻ جي ضرورت نه پوندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دعا منگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرائينداسين: ڪراچي پوليس

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي پوليس دعا منگي ڪيس ۾ شهرين کي ڄاڻ ڏيڻ جي اپيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے