Home / پاڪستان / بابا گرونانڪ جي550هين سالگرهه تي يادگاري سڪو جاري

بابا گرونانڪ جي550هين سالگرهه تي يادگاري سڪو جاري

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سکن جي مذهبي پيشوا بابا گرونانڪ جي 550هين سالگرهه تي 550 رپين جو يادگار سڪو جاري ڪيو ويو گورنر اسٽيٽ بئنڪ رضا باقر ۽ سک اڳواڻ رميش سنگهه سڪي جو افتتاح ڪيو تفصيل موجب اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ بابا گرونانڪ جي 550هين سالگرهه تي يادگري سڪي جي افتتاحي تقريب ٿي جنهن ۾ گورنر اسٽيٽ بئنڪ رضا باقر ۽ سک اڳواڻ رميش يادگاري سڪي جي افتتاحي تقريب ڪئي ان موقعي تي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو ته سک مذهب جي بابا گرونانڪ جي جنم ڏينهن جي حوالي سان هتي گڏ ٿيا آهيون هي پهريون سڪي آهي جيڪو اسٽيٽ بئنڪ مذهبي شخصيت لاءِ جاري ڪيو ان جا 3 سبب آهن هڪ اهو ته قومي ادارا پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن سڪو جاري ڪرڻ اسان جي ذميوارين ۾ آهي ۽ گرونانڪ جوپيغام ڀائيپي جو پيغام آهي باقر رضا چيو ته جيستائين امن امان نه ٿيندو ته ڪجهه نٿو ٿي سگهي امن امان ضروري آهي سمورن سک ياترين کي ڀليڪار چوان ٿو چيئرمين پاڪستان سک ڪائونسل سردار رميش خطاب ڪندي چيو ته سڪي جاري ٿيڻ تي 14 ڪروڙ سک برادري پاڪستان جي ٿورائتي آهي وزيراعظم عمرنا خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد جو ٿورائتو آهيان پاڪستان حڪومت جا ٿورائتاآهيون جو ڪرتارپور جو تحفو ان جو قرض نٿا لاهي سگهون هن چيو ته ايڏي جلد ڪرتارپور کي ٺاهڻ ممڪن نه هو جڏهن مان اتي موجود هيس ته مان پنهنجا جذبا ٻڌائي نٿو سگهان سڄي دنيا جا سک پاڪستان ڪرتارپور اچڻ لاءِ سڪندا آهن بابا گرونانڪ زندگي جا آخري 18 سال ڪرتارپور ۾ گذاريا ۽ آخري آرامگاهه به ان جو اتي آهي سک اڳواڻ چيو ته اسان سڀ هڪ آهيون ۽ اسان جي بابا جو به اهو ئي پيغام آهي اسان گورنر صاحب کي چئون ٿا ته اسانکي وڌ کان وڌ سڪا ڏي ته جيئن اسان اهي دنيا تائين پهچايو هي ويزن قاعداعظم جو هو جيڪو عمران خان جي حڪومت ڪري رهي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دعا منگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرائينداسين: ڪراچي پوليس

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي پوليس دعا منگي ڪيس ۾ شهرين کي ڄاڻ ڏيڻ جي اپيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے