Home / پاڪستان / نيب رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز خلاف رمانڊ ۾ 28 نومبر تائين واڌ

نيب رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز خلاف رمانڊ ۾ 28 نومبر تائين واڌ

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت آڏو قومي احتساب بيورو رمضان شگر ملز ڪيس ۾ مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي پٽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزه شهباز خلاف ضمني ريفرنس داخل ڪري ورتو آهي. احتساب عدالت جي جج امجد نذير چوڌري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اڱاري تي عدالتي ٻڌڻي جي موقعي تي جيل پوليس رمضان شگر ملز ڪيس ۾ جوڊيشل رمانڊ ختم ٿيڻ تي حمزه شهباز کي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت پيش ڪيو. ٻڌڻي دوران نيب پراسيڪيوٽر وارث علي جنجوعه عدالت کي ٻڌايو ته 325 صفحن تي مشتمل ضمني ريفرنس شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ضمني ريفرنس ۾ حمزه شهباز ۽ شهباز شريف جوابدار نامزد ٿيل آهن. ان دوران عدالتي ڪمري ۾ فوٽو ڪڍڻ تي فاضل جج حمزه شهباز تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ حمزه شهباز کي مخاطب ٿيندي چيو ته مسٽر حمزه هيڏانهن اچو، جنهن تي حمزه شهباز سخت لهجي ۾ جواب ڏنو ته توهان ڪيئن ڳالهائي رهيا آهيو. عدالت حمزه شهباز کي چيو ته توهان عدالت جو ڊيڪورم خراب ڪري رهيا آهيو، ڇا توهان هتي پريس ڪانفرنس ڪرڻ ايندا آهيو؟ حمزه شهباز احتساب عدالت جي جج کي جواب ڏيندي چيو ته مان اڳتي ئي اچي رهيو هئس، ماڻهو مون سان ملڻ چاهين ٿا، سلام ڪرڻ چاهين ٿا، اسلام به سلام جي جواب ڏيڻ جو حڪم ڏئي ٿو. مان پوليس حراست ۾ آهيان، ماڻهن کي مان پاڻ سان گڏ نه وٺي آيو آهيان اهي پاڻ ايندا آهن. جنهن تي عدالت جواب ڏنو ته عدالتي ڪارروائي ڪرڻي آهي جيستائين حمزه شهباز پوئتي ويٺو هوندو ڪيس اڳتي نه وڌندو. ان دوران عدالتي ڪمري ۾ وڪيلن حمزه شهباز جي حق م احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. ليگي اڳواڻ رانا مشهود عدالت کي چيو ته جيترا به جوابدار ايندا آهن 90-90 ڏينهن جوابدارن کي نيب وٽ رکيو ويندو آهي، اتي ڪنهن کي به ملڻ جي اجازت ناهي هوندي، ماڻهو هتي ملڻ ايندا آهن. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪيس جو ٻيو جوابدار شهباز شريف ڪٿي آهي؟ شهباز شريف جي وڪيل ان جي حاضري کان معافي واري درخواست داخل ڪئي ۽ ٻڌايو ته هو اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي سيشن ۾ مصروف آهي. هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي. عدالت شهباز شريف جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته عوامي نوٽيس ڪا اهميت نٿو رکي، مون کي خبر ناهي ته سيشن آهي يا نه. شهباز شريف جي وڪيل عدالت کي يقين ڏياريو ته آئينده جڏهن به حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪندس ته لاڳاپيل دستاويز به لڳائي ڇڏيندس. نيب وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ضمني ريفرنس جون ڪاپيون جوابدارن جي وڪيلن کي ڏنيون ويون آهن. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي ملتوي ڪندي حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 28 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دعا منگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرائينداسين: ڪراچي پوليس

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي پوليس دعا منگي ڪيس ۾ شهرين کي ڄاڻ ڏيڻ جي اپيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے