Home / پاڪستان / آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي عدالتي رمانڊ ۾ 26 نومبر تائين واڌ

آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي عدالتي رمانڊ ۾ 26 نومبر تائين واڌ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت آصف زرداري کي علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪرڻ واري درخواست رد ڪندي ٻنهي ڀيڻ ڀاءُ جي عدالتي رمانڊ ۾ 26 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج اعظم آڏو مني لانڊرنگ ۽ پارڪ لين ڪيسز ۾ فريال ٽالپر کي پيش ڪيو ويو، جڏهن ته اڳوڻو صدر آصف زرداري بيمار هجڻ سبب پيش نه ٿي سگهيو.اُن موقعي تي وڪيل لطيف کوسه اڳوڻي صدر آصف زرداري کي بيمار هجڻ جي بنياد تي علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان درخواست تي دليل ڏنا، جڏهن ته نيب پراسيڪيوٽر درخواست جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته آصف زرداري کي پمز اسپتال منتقل ڪري اُن کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهينيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته آصف زرداري کي مڪمل طبي سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن، تنهن هوندي به جيڪڏهن نجي ڊاڪٽر جي مدد جي ضرورت آهي ته حڪومت کي درخواست ڏني وڃي. لطيف کوسه چيو ته حڪومت هڪ پاسي هڪڙي مريض کي علاج لاءِ پرڏيهه موڪلڻ لاءِ تيار آهي ته ٻئي پاسي آصف زرداري کي نه پنهنجو ڊاڪٽر رکڻ ڏنو وڃي ٿو ۽ نه ئي وري ملڪ اندر مرضيءَ موجب علاج ڪرايو وڃي ٿو.هن چيو ته  حڪومت کان نه پهرين خيرات گهري ۽ نه ئي وري هاڻ گهرنداسين.احتساب عدالت آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي عدالتي رمانڊ ۾ 26 نومبر تائين واڌ ڪندي اڳوڻي صدر کي علاج لاءِ ڪراچي منتقل ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي...

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دعا منگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرائينداسين: ڪراچي پوليس

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي پوليس دعا منگي ڪيس ۾ شهرين کي ڄاڻ ڏيڻ جي اپيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے