نڪور خبرون
Home / پاڪستان / فوجي قيادت ۾ ڀارتي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏيڻ تي اتفاق

فوجي قيادت ۾ ڀارتي اڳرائي جو ڀرپور جواب ڏيڻ تي اتفاق

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ پاڪ فضائيا جي سربراهه مجاهد انور خان ۾ ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ ٻنهي ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ايئر هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي سندس پاڪ فضائيا جي سربراهه مجاهد انور خان سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ آپريشنل معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ ملڪ کي پيش خطرن ۽ جوابي حڪمت عملي تي به تفصيلي گفتگو ڪئي وئي. عسڪري قيادت اتفاق ڪيو ته ڀارت طرفان جارحيت جي صورت ۾ ڀرپور جواب ڏنو ويندو، ٻنهي سربراهن پيشيوراڻين تيارين ۽ گڏيل ڪوآرڊينيشن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جي سربراهه وزيراعظم جي استعيفيٰ مطالبي کي کل جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو

 اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پاران جي يو آءِ سربراهه سان ڳالهين لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے