Home / پاڪستان / تيز گام المناڪ حادثي جو شڪار، 3 بوگيون باهه ، 73 مسافر اجل جو شڪار، 32 زخمي

تيز گام المناڪ حادثي جو شڪار، 3 بوگيون باهه ، 73 مسافر اجل جو شڪار، 32 زخمي

رحيم يار خان(مانيٽرنگ ڊيسڪ) رحيم يار خان لڳ لياقت پور ويجهو ڪراچي کان راولپنڊي ويندڙ تيز گام ايڪسپريس ٽرين المناڪ حادثي جو شڪار ٿي وئي، ٽانوري ريلوي اسٽيشن 6 چڪ ويجهو ٽرين جي ايئرڪنڊيشنڊ بزنس ڪلاس جي 3 بوگين ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ73 مسافر اجل جو شڪار ۽ 32 زخمي ٿي پيا. ريلوي اختيارين موجب ٽنهي بوگين ۾ 209 مسافر سوار هئا، فوت ٿيل مسافرن جا لاش تعلقي هيڊ ڪوارٽر اسپتال لياقت پور منتقل ڪيا ويا. ڊپٽي ڪمشنر رحيم يار خان جميل احمد جميل ۽ ڊي پي او امير تيمور واقعي واري هنڌ پهچي ويا. ڊپٽي ڪمشنر ريسڪيو سرگرمين جي پاڻ نگراني ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٻُڌايو ته زخمي مسافرن کي شيخ زيد اسپتال جي برن يونٽ منتقل ڪيو پيو وڃي، جتي کين بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. شيخ زيد اسپتال جي برن يونٽ ۾ 30 مريضن لاءِ بيڊ لڳايا ويا آهن سينيئر ڊاڪٽر توڙي پيرا ميڊيڪل عملو ۽ دوائون برن يونٽ ۾ دستياب آهن، سڄي ضلعي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته ريسڪيو 1122، پوليس، فائر برگيڊ سميت ٻين امدادي ٽيمون موقعي تي پهچي ريسڪيو آپريشن ۾ حصو ورتو. زخمين کي ٽي ايڇ ڪيو لياقت پور، آر ايڇ سي چيني ڳوٺ ۽ بهاولپور وڪٽوريا اسپتال منتقل ڪيو ويو. تيز گام ٽرين کي حادثو ٽانوري ريلوي اسٽيشن 6 چڪ ويجهو پيش آيو. باهه وسائڻ وارين سرگرمين ۾ فائر برگيڊ جي 12 گاڏين حصو ورتو. نجي ٽي وي چينل موجب فوتين ۽ زخمين ۾ شامل ڪافي ماڻهو رائيونڊ اجتماع ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا، جن ۾ ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو ڄام ۽ شهدادپور سميت مختلف علائقن جا رهواسي شامل هئا.  ريلوي واري وفاقي شيخ رشيد احمد تيز گام سانحي جي فوتي مسافرن جي وارثن لاءِ 15-15 لک رپيا ۽ زخمين لاءِ 5-5 لک رپين جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. ريلوي واري وفاقي وزير خميس ڏينهن پنهنجي وڊيو بيان ۾ فوتي مسافرن جي وارثن لاءِ في ماڻهو 15 لک رپيا ۽ زخمين لاءِ في ماڻهو 5 لک رپين جي امداد جو اعلان ڪيو. شيخ رشيد احمد ٻُڌايو ته بوگين جي بُڪنگ ڪرائيندڙ تبليغي جماعت جو امير محفوظ آهي جنهن حيدرآباد، محراب پور ۽ نوابشاهه مان مسافرن کي ريل گاڏيءَ ۾ ويهاريو هو. امير حسين وٽ فوتي مسافرن جا نالا موجود آهن، جنهن ذريعي وارثن سان رابطو ڪري رهيا آهيون. هن ٻُڌايو ته تبليغي جماعت جا لڳ ڀڳ 2 لک ماڻهو اجتماع وقت ريلوي ذريعي سفر ڪندا آهن، اسان جي ڪوتاهي آهي ته اهي ماڻهو سيلنڊر پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا. وفاقي وزير شيخ رشيد هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ته بوگيءَ ۾ 2 سلينڊر ۽ هڪ چلهو ڦاٽڻ سبب مسافر فوت ٿيا. شيخ رشيد احمد ٻُڌايو ته 49 لاش بوگين جي باهه وسائڻ ۽ ڪولنگ بعد ڪڍيا ويا، جڏهن ته پاڪ فوج ۽ ٻيا ادارا امدادي ڪاررواين لاءِ بروقت پهتا. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته ننڍين ريلوي اسٽيشنن تي اسڪينر نه آهن، مان پاڻ رحيم يار خان وڃي رهيو آهيان. امدادي سرگرمين جي پاڻ نگراني ڪندس. ريلوي واري وفاقي وزير چيو ته ان واقعي ۾ ريلوي جي غلطي ناهي پر مسافرن جي غلطي آهي. مسافرن ناشتو ٺاهڻ لاءِ سيلينڊر ٻاريو جنهن بعد هلندڙ ريل گاڏيءَ ۾ باهه لڳي وئي. شيخ رشيد چيو ته مسافر ريل ۾ سلينڊر کڻي ڪيئن پهتا ان جي تحقيقات ڪئي ويندي، مسافر چلها پنهنجن ٿيلهن ۾ رکي ڇڏيندا آهن ۽ قانون کان ڊڄندا نه آهن. ڪراچيءَ کان مسافر سلينڊر کڻي چڙهيا ته نوٽيس وٺنداسين، ننڍين اسٽيشنن تي اسڪينرن جو نظام موجود نه آهي ان باوجود به تحقيقات ڪنداسين. مسافر سلينڊر ڪهڙي اسٽيشن تان کڻي چڙهيا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے