Home / انٽرنيشنل / پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف ۾ بليڪ لسٽ ٿيڻ نه ڏينداسين: چين جو اعلان

پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف ۾ بليڪ لسٽ ٿيڻ نه ڏينداسين: چين جو اعلان

بيجنگ: (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  چين فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس(ايف اي ٽي ايف) ۾ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي.چين جي ايشيائي معاملن جي پاليسي ساز کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل ياووين ني صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪرائڻ لاءِ ڪجهه ميمبر ملڪن جون ڪوششون ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. ايف اي ٽي ايف جا ڪجهه ميمبر ملڪ پاڪستان جي مخالف سياسي ايجنڊا رکن ٿا پر چين هر قسم جي سياسي ايجنڊا جي مخالفت ڪري ٿو.ياووين چيو ته چين آمريڪا ۽ ڀارت کي پنهنجي ٻن لفظن واري موقف کان آگاهه به ڪري چڪو آهي. ايف اي ٽي ايف ڪنهن ملڪ کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جي لاءِ ناهي ٺهيو. پر ان جو مقصد دهشتگردن جي پٺڀرائي وارن معاملن تي ملڪن جي مدد ڪرڻ آهي.هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جون ڪارروايون تعريف جوڳيون آهن ۽ چين پاڪستان جي نظام جي بهتري لاءِ ٽيڪنيڪي ۽ سياسي مدد ڪندو رهندو. ڪشمير مسئلي بابت چيني ڊائريڪٽر جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي واري ڀارتي قدم تي گهري ڳڻتي آهي ۽ ان هڪ طرفي قدم جي حمايت نٿا ڪريون. اسان ان مسئلي جي پرامن حل جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.واضح رهي ته 18 آڪٽوبر تي ٿيندڙ ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ ڀارت جي پاڪستان کي بليڪ لسٽ ڪرائڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي ويون ۽ ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي وڌيڪ 4 مهينا گري لسٽ ۾ ئي رکڻ جو فيصلو ڪيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير اڄ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو

سرينگر: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) والاريل ڪشمير اڄ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو جنهن جي لاءِ تياريون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے