Home / سنڌ / پينشنز جي زندگي ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت سنجيدگي سان اپاءُ وٺي رهي آهي: مراد علي شاهه

پينشنز جي زندگي ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت سنجيدگي سان اپاءُ وٺي رهي آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر): وزيراعلٰي سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پينشنز جي زندگي ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ حڪومت سنجيدگي سان اپاءُ وٺي رهي آهي. هن چيو ته پينشنز کي پينشن جي ادائيگي ڪري اسان هنن تي ڪو احسان نه ڪري رهيا آهيون. هي انهن جي ان خدمتن جو صلو آهي جيڪي هو پنهنجي ملازمت جي دوران حڪومت جي لاءِ انجام ڏيندا هئا. هن سنڌ پينشن سينٽر جي قيام تي اڪائونٽنٽ جنرل ۽ انهن جي ٽيم جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ چيو ته اهڙي سينٽر جي قيام سان پينشنز کي ايندڙ مسئلن ۾ بهتري ايندي ۽ انهن کي هڪ ڇت هيٺيان سموريون سهولتون ميسر ٿينديون منهنجي لاءِ اها اعزاز جي ڳالهه آهي ته مان اهڙي تقريب ۾ شرڪت ڪري رهيو آهيان.اهڙن خيالن جو اظهار هن پينشن جي بغير مشڪلات ادائيگي، جي موضوع تي مقامي هوٽل ۾ منعقد سيمينار سان خطاب ڪندي ڪيو. ان سيمينار جو اهتمام اڪائوٽنٽ جنرل سنڌ ڪيو. سيمينار سان آڊيٽر جنرل پاڪستان جاويد جهانگير، ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس، مظهر جنيد زڪي ۽ اڪائوٽنت جنرل سنڌ غفران ميمڻ بھی خطاب کیو۔۔ آدڊيٽر جنرل آف پاڪستان جاويد جهانگير ٻڌايو ته مرڪز جي قيام حل ۾ تعاون تي سنڌ حڪومت خصوصن وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو ڪنٽرولر جنرل اڪائونٽس مظهر جنيد ذڪي چيو ته پينشنز جنهن پنهنجي زندگي خدمت جي لاءِ وقف ڪئي پنهنجي وقت ۾انهن کي عزت همدردي انهن جو حق آهي هن آئي جي سنڌ کي ڄامشورو ۾ پينشنز سينٽر جي قيام تي مبارڪباد پيش ڪئي. اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ غفران ميمڻ چيو ته ملازمين جي ريٽائرڊمنٽ جي پهرين ڏينهن تي انهن کي پينشن ملي وڃڻ کپي. ايس پي ايس جي قيام ان جي آفيس ۾ ڪم ڪرڻ جي ماحول ۾ تبديلي آئي آهي پينشنز کي گهٽ کون گهٽ وقت ۽ آساني سان گڏ سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته سنڌ پينشز سينٽر سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ قائم ڪرڻ جي ڪم جو آغاز ٿي چڪو آهي ان سلسلي ۾ اڱاري ڌينهن ضلعي ڄامشورو ۾ ايس پي ايس جو افتتاح ڪيو ويندو سيمينار ۾ خزاني کاتي ، تعليم، صحت ۽ داخلي جي آفيسرن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي .انتظاميا ايڊيشنل اڪائونٽس جنرل عزيز احمد ذڪي ۽ ڊپٽي ا ڪائونٽس جنرل ماجد راجپوت پريزنٽيشن ڏني،

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے