Home / پاڪستان / تاجرن سان سٺي ميٽنگ ٿي آهي، معاملو بهتر نموني سان حل ڪرڻ چاهيون ٿا: حفيظ شيخ

تاجرن سان سٺي ميٽنگ ٿي آهي، معاملو بهتر نموني سان حل ڪرڻ چاهيون ٿا: حفيظ شيخ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ناڻي صلاحڪار ڊاڪٽر حفيظ شيخ چيو ته واپارين سان سٺي ميٽنگ ٿي آهي معاملو بهتر نموني سان حل ڪرڻ چاهيون ٿا چاهيون ته تاجر به خوش هجن ۽ حڪومت جا مقصد پورا ٿي وڃن ڊاڪٽر حفيظ شيخ واپارين سان ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عالمي بئنڪ جو صدر پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي ورلڊ بئنڪ سان تعلق کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا ان موقعي تي ڪاشف چوڌري چيو ته ڳالهيون بهتر نموني ٿي رهيون آهن واپارين کي جلد سٺي خبر ڏينداسين سڃاڻپ ڪارڊ تي ڪارروائي جي شرط ۾ نرمي جو امڪان آهي هن چيو ته واپارين کي ود هولڊنگ ايجنٽ نه ٺاهڻ ڏينداسين واپارين جي سيلز ٽيڪس رجسٽريشن کان نجات ڏيارينداسين هن چيو ته ٽرن اوور ٽيڪس جي شرح 1.5 سيڪڙو کان 0.5 سيڪڙو ڪرائينداسين.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے