Home / پاڪستان / آصف زرداري کي به نواز شريف واري بيماري، پليٽ ليٽس گهٽجي ويا، مثاني ۾ به تڪليف

آصف زرداري کي به نواز شريف واري بيماري، پليٽ ليٽس گهٽجي ويا، مثاني ۾ به تڪليف

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان انسٽي ٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ زيرِعلاج آصف علي زرداري جا به پليٽيليٽس گهٽجي 90 هزار رهجي ويا آهن.پاڪستان جو اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به ڪيترن ئي ڏينهن کان پمز اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي ۽ ان کي به مختلف مرض لاحَق آهن.پمز اسپتال جي ترجمان موجب اسپتال جي 4 رڪني ميڊيڪل بورڊ اڳوڻي صدر جو تفصيلي معائنو ڪيو. ترجمان جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري جو بلڊپريشر نارمل نه ٿي رهيو آهي، شگر سبب سندس رڳون به متاثر ٿيون آهن جڏهن ته دل جي بيمارين جي دوائن سبب آصف علي زرداري جا پليٽيليٽس (رت جا اڇا جُزا) به گهٽجي 90هزار رهجي ويا آهن. آصف علي زرداري کي ڊپريشن، جسماني ڪمزوري، ڳلي ۽ جوڙن جي سخت سُور جي به شڪايت آهي. واضح رهي ته پمز اسپتال ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي صدر آصف علي زرداري جي وارڊ کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے