Home / سنڌ / ڌانڌلي سان حڪومت کي هڪ .ئي ڌڪي سان ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪنداسين: مولانا فضل الرحمان

ڌانڌلي سان حڪومت کي هڪ .ئي ڌڪي سان ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪنداسين: مولانا فضل الرحمان

جيڪب آباد (رپورٽر) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڌانڌلي حڪومت کي هڪ ئي ڌڪي سان ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪنداسين آزادي مارچ ضرور ٿيندو حڪومت جي هٿڪنڊن کان نه ڊڄنداسين پنهنجن مطالبن کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽنداسين آزادي مارچ کي روڪيندڙ سموريون رنڊڪون هٽائينداسين اهڙن خيالن جو اظهار هن گلشن شهيد فارم هائوس لاڙڪاڻو ۾ جي يو آءِ ضلعي جيڪب آباد جي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري جي اڳواڻي ۾ آيل ضلعي جيڪب آباد ۽ خيرپور ضلعي جي وفدن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو ان موقعي تي مولانا محمد رمضان ڦلپوٽو، حاجي محمد عباس بنگلاڻي، مولانا عبدالجبار رند، مفتي ثناالله جمالي، مولانا احسان الله ڳنبير ۽ ٻيا به موجود هئا مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ گرفتاريون ڪيون پيون وڃن اهڙين حرڪتن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون هن چيو ته آزادي مارچ جا ڪافلا شيڊول موجب 31 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ داخل ٿيندا 27 آڪٽوبر تي سڄي ملڪ ۾ ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ويندو ۽ ان کان پوءِ ڪافلا پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿيندا هن چيو ته اپوزيشن جون جماعتون هڪ پچ تي آهن ۽ قوم جون نگاهون آزادي مارچ ۾ آهن نااهل ۽ نالائق حڪمران کان عوام کي ڇوٽڪارو ڏياري ئي سک سان ويهنداسين هن چيو ته جي يو آءِ جي رضاڪارن جي تنظيم تي پابندي جيف يصلي کي رد ڪيون ٿا رضاڪار اسانجن جلسن ۽ جلوسن جي حفاظت ۽ نگراني ڪن ٿا هن چيو ته ميڊيا کي انصارالسلام جي جيڪا فوٽيج هلائي پئي وڃي اها پشاور جي آهي ۽ ان جي اجازت ڊپٽي ڪمشنر ڏني هئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے