Home / انٽرنيشنل / والاريل ڪشمير ۾ حالتون بدستور خراب، حريت اڳواڻن پاران وادي ۾ هڙتال جو سڏ

والاريل ڪشمير ۾ حالتون بدستور خراب، حريت اڳواڻن پاران وادي ۾ هڙتال جو سڏ

سرينگر (م د) والاريل ڪشمير ۽ ڄمون خطي جي مسلمان اڪثريتي علائقن ۾ اڄ 83هين ڏينهن به ڀارتي فوجي گهيراءُ برقرار آهي. لکين ڪشميري شهري بدستور شديد ڏکاين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق پابندين، پري پيڊ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروسز جي معطلي سبب زندگي جو نظام بري طرح مفلوج آهي. انٽرنيٽ سروس نه ملڻ سبب صحافي، شاگرد ۽ واپاري خاص طور تي متاثر ٿيا آهن. دڪانون ۽ ڪاروباري مرڪز صبح ۽ شام وقت صرف ڪجهه ڪلاڪن لاءِ کوليا وڃن ٿا ته جيئن ماڻهو پنهنجي ضروري سامان جي خر يداري ڪري سگهن. روڊن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي آمدو رفت معطل آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير اڄ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو

سرينگر: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) والاريل ڪشمير اڄ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو جنهن جي لاءِ تياريون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے