Home / سنڌ / نيب خوف وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي، انتقامي ڪارروايون پئي ڪري: فضل الرحمان

نيب خوف وارو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي، انتقامي ڪارروايون پئي ڪري: فضل الرحمان

ڄامشورو(مانيٽرنگ ڊيسڪ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ملڪ اندر نيب لٽيل مال واپس ڪرڻ بدران خوف ۽ حراس پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جنھن سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري جا دروازا بند ٿي چڪا آهن، ملڪ اندر سياسي انتقام تحت اڳواڻن کي عدالتن طرف ڇڪيو پيو وڃي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ڄامشوري ۾ ڊاڪٽر راشد محمود سومرو جي مدرسي جو افتتاح ڪيو. افتتاح دوران مولانا فضل الرحمان سان جي يو آءِ جي مرڪزي ۽ صوبائي قيادت پڻ گڏ هئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته ملڪ سياسي ۽ معاشي طور تي ڪيڏو به تباهه ڇو نه ٿئي ان جي حڪمرانن کي ڪا به پرواهه نه آهي ۽ هو نيب جي آڙ ۾ انتقامي ڪارروايون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ اندر نيب لٽيل مال واپس ڪرڻ بدران خوف ۽ حراس پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جنھن سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري جا دروازا بند ٿي چڪا آهن، نيب جي خوف سبب ڪو به بيوروڪريٽ ڪنھن به فائل تي صحي ڪرڻ لاءِ به تيار ناهي، جنھن سبب ملڪ جو ڪار وهنوار رڪجي ويو آهي. مولانا فضل الرحمان جي ڄامشورو ۾ آمد جي موقعي تي حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا، جي يو آءِ جي جان بازن سميت پوليس جي وڏي انگ ۾ نفري شهر ۾ مقرر هئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے