Home / سنڌ / سنڌ ۾ آزادي مارچ لاءِ بُڪ ٿيل ٽرانسپورٽرز کي ڌمڪين ملي رهيون آهن: راشد محمود سومرو

سنڌ ۾ آزادي مارچ لاءِ بُڪ ٿيل ٽرانسپورٽرز کي ڌمڪين ملي رهيون آهن: راشد محمود سومرو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جي يو آءِ ف سنڌ سرڪار کي خط لکي چيو آهي ته ڪراچي، سکر ۽ حيدرآباد سوڌو ٻين شهرن ۾ سندن بُڪ ڪرايل ٽرانسپورٽرز کي لائسنس ڪينسل ڪرڻ جون ڌمڪيون ملي رهيو آهن. ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري سندن آئيني حق بحال ڪيو وڃي. جي يو آءِ ف سنڌ جي جنرل سيڪريٽري راشد محمود سومرو سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ هُن لکيو ته گڏيل اپوزيشن طرفان وفاقي سرڪار خلاف آزادي مارچ ڪيو پيو وڃي، اُن سلسلي ۾ جي يو آءِ طرفان جِن ٽرانسپورٽرز کان گاڏيون بُڪ ڪرايون ويون هيون، اُنهن کي اڻڄاتل ماڻهو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. جي يو آءِ ف کي پنهنجي آئيني ۽ جمهوري حق کان محروم رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. راشد محمود سومرو وڏي وزير کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته سکر، ڪراچي اوڀر، نواب شاهه، خيرپور، سانگهڙ ۽ مٽياري ۾ ٽرانسپورٽر کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، سنڌ سرڪار سنگين مسئلي جو نوٽيس وٺي ۽ سندن آئيني حق بحال ڪري. ٽرانسپورٽرز جو اعتماد بحال ڪري کين ٻڏر واري صورتهال کان ٻاهر ڪڍيو وڃي. ڌمڪيون ڏيندڙن کي وائکو ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے