Home / رانديون / پاڪستان ۽ بنگلاديش جي انڊر 16 ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽن ڏينهن واري ميچ جمعي کان شروع ٿيندي

پاڪستان ۽ بنگلاديش جي انڊر 16 ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽن ڏينهن واري ميچ جمعي کان شروع ٿيندي

راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان جي انڊر 16 ۽ بنگلاديش جي انڊر 16 ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 2 ٽن ڏينهن وارين ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ (سڀاڻي) جمعي کان شروع ٿيندي. مهمان ٽيم دوري دوران ٻه ٽن ڏينهن واري ۽ 3 هڪ ڏينهن واري ميچن جي سيريز کيڏندي. سيريز جون سمورون ميچون ڪي آر ايل گرائونڊ راولپنڊي ۾ کيڏيون وينديون. پهرين ٽن ڏينهن واري ميچ 25 کان 27 آڪٽوبر تائين کيڏي ويندي، ٻئين ٽن ڏينهن واري ميچ 30 آڪٽوبر کان پهرين نومبر تائين کيڏي ويندي. ان کانپوءِ ٽن هڪ ڏينهن واري ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين هڪ ڏينهن واري ميچ 4 نومبر تي کيڏي ويندي، ٻئين ميچ 6 نومبر تي کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري هڪ ڏينهن واري ميچ 8 نومبر تي کيڏي ويندي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

قومي ٽيم جي رانديگرن ۾ پروفيشنل ازم جو فقدان آهي: مصباح الحق

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر ڪپتان سرفراز احمد سميت ڪيترن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے