Home / شوبز / ماهره خان انسٽاگرام تي 5 ملين ماڻهن فالو ر

ماهره خان انسٽاگرام تي 5 ملين ماڻهن فالو ر

ڪراچي: (شوبز) عالمي شهرت ماڻيندڙ اداڪاره ماهره خان پهرين پاڪستاني اداڪاره بڻجي وئي آهي جنهن کي انسٽاگرام تي 5 ملين ماڻهن فالو ڪيو آهي.سوشل ميڊيا موجوده دور ۾ هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهڻ جو سڀني کان وڌيڪ طاقتور ميڊيم آهي جنهن جي ذريعي نه صرف پرستار پنهنجي پسنديده اداڪار  بابت هر ڳالهه کان باخبر رهن ٿا پر شوبز اسٽار به سوشل ميڊيا جي ذريعي پنهنجي چاهيندڙن سان سڌو سنئون رابطي ۾ رهندا آهن. سوشل ميڊيا جي دنيا ۾ فيس بڪ ۽ ٽوئٽر  جي پنهنجي اهميت آهي پر تصويرون شيئر ڪرڻ واري ايپ(انسٽاگرام) تي هن پليٽ فارم  جيترو  وڌيڪ تيزي سان پنهنجي جڳهه ٺاهي آهي اها تعريف جوڳي آهي.انسٽاگرام جي ذريعي عام ماڻهن سان گڏ شوبز اسٽار به تصويرون ۽ مختصر وڊيو شيئر ڪري ماڻهن کي پنهنجي روزاني جون سرگرمين بابت آگاهه رکندا آهن. اهوئي سبب آهي ته ٻئي سوشل ميڊيا  اڪائونٽس جيان انسٽاگرام تي به پاڪستاني اداڪارئن کي فالوورز جو انگ لکن ۾ آهي. انسٽاگرام تي ائين ته فنڪارن کي لکين جي انگ ۾ ماڻهو فالو ڪندا آهن پر ماهره خان سمورن فنڪارن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. انسٽاگرام تي ماهره خان جي فالورز جو انگ 5 ملين(50 لک) ٿي ويو آهي .ماهره خان اها پهرين پاڪستاني اداڪاره بڻجي وئي آهي جنهن کي انسٽاگرام تي 5 ملين ماڻهو فالو ڪندا آهن. ان حوالي سان ماهره خان جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هو 50 لک  فالوررز سان جشن ملهائيندي نظر اچي رهي آهي ۽ ان سان گڏ ئي هو انسٽاگرام تي شيئر ڪيل هڪ تصوير جي باري ۾ ٻڌائي رهي آهي جنهن کي ماڻهن جي وڏي انگ طرفان لائڪ ڪيو ويو آهي ۽ ان تي تبصرا به ڪيا ويا آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهي جوڙي جو دورو دنيا آڏو پاڪستان جي بهتر سڃاڻپ ڪرائيندو: مهوش حيات

ڪراچي  (شوبز نيوز) نشان امتياز حاصل ڪندڙ اداڪاره  مهوش حيات برطانوي شاهي مهمان جي اچڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے