Home / پاڪستان / جڏهن به عالم رتحريڪ هلائي ملڪ ۾ مارشل لا لڳو آهي: شيخ رشيد

جڏهن به عالم رتحريڪ هلائي ملڪ ۾ مارشل لا لڳو آهي: شيخ رشيد

لاهور(م ڊ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ملڪ جا سمورا سياسي چوڌري مري وڃن تڏهن به مولانا فضل الرحمان کي اقتدار نه ملندو.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران شيخ رشيد احمد چيو ته وقت تمام گهڻو نازڪ آهي ملڪي سياست زور شور تي آهي. ڪشمير  جو محاذ گرم آهي پر ان باوجود ملڪ ۾ ڌرڻو ڌرڻو ٿي رهيو آهي. جي يو آءِ اڃان تائين ڌرڻي جي ڪابه ڳالهه ناهي ڪئي. ان جو مطلب ڌرڻو اڃان گري لسٽ ۾ آهي. مولانا فضل الرحمان کي فيس سيونگ ڏئي سگهجي ٿي. ممڪن آهي ته ڌرڻو نه لڳي. گهڻا پردا هٽائڻ سان مولانا منهنجي مٿان ڪاوڙجي پوندو. شيخ رشيد چيو ته مولانا ڏنڊا بردار ماڻهن کي ڏيکاري رهيو آهي ائين لڳي رهيو آهي ته ته جيئن دهشتگرد تيار ٿي رهيا هجن.اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ سان مسئلا حل ٿيڻ جو سوچيندڙ عقل کان انڌا آهن. ڳالهين جا دروازا بند ڪرڻ جمهوريت جي خلاف آهي. مولانا فضل الرحمان جنهن جي اشارن تي کيڏي رهيو آهي ان جي سياست تباهه ٿي ويندي. سمورا چوڌري مري وڃن تڏهن به مولانا کي اقتدار نه ملي سگهندو. ريلوي واري وزير جو چوڻ هو ته وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف هڪ ئي گاڏي جا ٻه ڦيٿا آهن.قومي سلامتي جي ادارن پاڪستان سان وفاداري جو حلف کنيو آهي نيشنل ايڪشن پلان ان ايڪشن آهي. هن ڀيري جمهوريت تي راتاهو هڻڻ جي ڪوش ڪئي وئي ته فيصلا جلد ٿيندا ۽ 400 کان 600 ماڻهو اندر هوندا. وفاقي وزير چيو ته  ديني مدرسا اسان جي اکين جا تارا  ۽ جهومر آهن. مدرسا دين جو مينار آهن ۽ مان انهن سان گڏ بيٺل آهن. مولانا فضل الرحمان گولڊن ٽيمپل ته ويو پر ڪڏهن قائداعظم جي مزار تي حاضري ناهي ڏني.هن چيو ته سياست ۾ ڪابه شيءَ آخري ناهي هوندي اڄ جا دوست سڀاڻي جا دشمن ۽ ڪالهه جا دشمن اڄ جا دوست آهن. اهو ئي پاڪستان جي سياست جو حسن آهي. شيخ رشيد چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جا ذميوار اڳواڻا حڪمران آهن. نوازشريف ۽ آصف زرداري هن ملڪ کي تباهه ڪيو آهي. پاڪستان معاشي گاڏي تي هلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ايندڙ 3 سالن ۾ حالتون بهتر ٿي وينديون.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے