Home / پاڪستان / ڊيرا مراد جمالي ۾ بم ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 15 ماڻهو زخمي

ڊيرا مراد جمالي ۾ بم ڌماڪو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، 15 ماڻهو زخمي

ڊيرا مراد جمالي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊيرا مراد جمالي جي علائقي مزدور چوڪ ۾ ڌماڪي سبب 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ريسڪيو ٽيمون حرڪت ۾ آيون.جن موقعي تي پهچي زخمين کي ايمبولينسن وسيلي اسپتال منتقل ڪيو جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي، ڌماڪي ۾ هڪ زخمي شخص زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪو موٽرسائيڪل ۾ لڳل بم ڦاٽڻ سبب ٿيو، پوليس ڌماڪي کانپوءِ ويجهي مارڪيٽ بند ڪرائي ڇڏي جڏهن ته زخمين کيا سپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.اطلاعن موجب مارجي ويل شخص جو نالو محمد عامر ٻڌايو پيو وڃي، ڌماڪي ۾ چار کان وڌيڪ زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو آهي. ڌماڪي کانپوءِ پوليس سيڪيورٽي فورز سان گڏجي واقعي واري هنڌ کي پنهنجي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي لاءِ پيڪيج ڪٿي آهي، وفاق سنڌ جا هڪ سئو 60 ارب گم ڪري ڇڏيا: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے