Home / رانديون / قومي ٽيم جي رانديگرن ۾ پروفيشنل ازم جو فقدان آهي: مصباح الحق

قومي ٽيم جي رانديگرن ۾ پروفيشنل ازم جو فقدان آهي: مصباح الحق

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر ڪپتان سرفراز احمد سميت ڪيترن ئي ڪرڪيٽرن جي رويي تي مايوسي ظاهر ڪئي آهي. مصباح الحق جو چوڻ آهي ته ٽريننگ دوران سرفراز احمد سميت ڪيترائي ڪرڪيٽر جان ڇڏائڻ لاءِ بهانا ڪندا رهيا. وهاب رياض، عماد وسيم ۽ حارث سهيل سميت سرفراز احمد ذميواري جو مظاهرو ناهي ڪيو، جنهن تي مايوسي ٿي آهي. ذريعن موجب مصباح الحق کي شڪايت آهي ته ڪيترا ئي رانديگر ٽريننگ لاءِ سنجيده نه هئا ۽ پلان موجب ٽريننگ به ناهن ڪندا. هيڊ ڪوچ چيو آهي ته قومي ٽيم جي رانديگرن ۾ پروفيشنل ازم جو فقدان آهي ۽ ٽريننگ ۾ ڊسپلين ناهي، ٽيم مئنجمينٽ جي هدايتن تي به عمل نه ڪري رهي آهي، هيڊ ڪوچ مصباح الحق گذريل ڏينهن چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان سان تفصيلي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مخلتف معاملا بحث هيٺ آيا. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته جيڪي رانديگر مڪمل فٽ ۽ فارم ۾ ناهن، انهن جي جاءِ تي نون رانديگرن کي شامل ڪيو ويندو، ڀلي مخالف آسٽريليا ڇو نه هجي. مصباح الحق فيصل آباد پهچي نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ رانديگرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندو.پي سي بي جو مصباح الحق جي مايوسي جي خبرن جي حوالي سان چوڻ آهي ته اهو سڀ ميڊيا ذريعي ٻڌي رهيا آهيون، مصباح الحق اسان کي ناهي ٻڌايو.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب نه پر ڪراچي جا ڊڄندڙ رانديگر پاڻ پنهنجي زوال جا ذميوار آهن: شعيب اختر

ڪراچي: (م ڊ) اڳوڻي ٽيسٽ فاسٽ بالر شعيب اختر چيو آهي ته پنجاب نه پر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے