Home / شوبز / شاهي جوڙي جو دورو دنيا آڏو پاڪستان جي بهتر سڃاڻپ ڪرائيندو: مهوش حيات

شاهي جوڙي جو دورو دنيا آڏو پاڪستان جي بهتر سڃاڻپ ڪرائيندو: مهوش حيات

ڪراچي  (شوبز نيوز) نشان امتياز حاصل ڪندڙ اداڪاره  مهوش حيات برطانوي شاهي مهمان جي اچڻ تي چيو آهي ته شاهي جوڙو دورو دنيا آڏو پاڪستان جي اصل سڃاڻپ ڪرائيندو.برطانوي شهزادي وليم ۽ شهزادي ڪيٽ مڊلٽن هن وقت پاڪستان جي دوري تي آهن. دوري جي موقعي تي هنن وزيراعظم ۽ صدر پاڪستان به ملاقات ڪئي ۽ ڪيترين ئي جڳهين جو  دورو به ڪيو. پر گذريل ڏينهن اهو جوڙو قومي يادگار پهتو جتي ان جي مان ۾ آجياڻو به ڏنو ويو.مهوش حيات به گذريل ڏينهن ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ برطانوي جوڙي سان ملاقات به ڪئي. پر ان حوالي سان هن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ انسٽا گرام تي تصوير جاري ڪئي آهي جنهن ۾ هو ۽ شهزادو وليم  ڳالهائڻ ۾ مصروف آهن ان سان گڏ ئي هن خوشي جو اطهار ڪندي  اهو به لکيو آهي ته برطانوي جوڙي سان ملڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. وليم حقيقي زندگي جو شهزادو آهي ۽ ان جي اچڻ سان مان ڪافي خوش آهيان.مهوش حيات چيو ته جوڙي جي پاڪستان اچڻ تي سموري دنيا ۾ پاڪستان  جي اصل سڃاڻپ ٿيندي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماهره خان انسٽاگرام تي 5 ملين ماڻهن فالو ر

ڪراچي: (شوبز) عالمي شهرت ماڻيندڙ اداڪاره ماهره خان پهرين پاڪستاني اداڪاره بڻجي وئي آهي جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے