Home / پاڪستان / احتجاج عوام جو بنيادي حق آهي، انتظاميا آزادي مارچ بابت فيصلو ڪري:هاءِ ڪورٽ

احتجاج عوام جو بنيادي حق آهي، انتظاميا آزادي مارچ بابت فيصلو ڪري:هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ ۽ ڌرڻي جي خلاف درخواستن کي اُڪلائيندي مقامي انتظاميه کي ان معاملي جو فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ ۽ ڌرڻي جي خلاف مقامي وڪيل جي درخواست سميت ٻين درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته هن درخواست ۾ اوهان جي استدعا ڇا آهي.؟ جنهن تي درخواست ڏيندڙ چيو ته مولانا فضل الرحمان حڪومت جي خلاف آزادي مارچ جو اعلان ڪيو آهي جنهن تي پابندي لڳائي وڃي.عدالت وڪيل کان پڇيو ته ڇا اوهان حڪومت جي طرفان پيش ٿيا آهيو.؟ جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته مان عام شهري جي طور تي پيش ٿيو آهيان. ان تي عدالت چيو ته اوهان جي دليلن مان لڳي رهيو آهي ته اوهان حڪومت جي طرفان پيش ٿيا آهيو.چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان اهو چوڻ چاهيو ٿا ته ان کي احتجاج جو حق حاصل ناهي. احتجاج ڪنهن به شهري جو بنيادي حق آهي جنهن کي ختم نٿو ڪري سگهجي. سموري دنيا ۾ ڪابه عدالت احتجاج جي حق کي ختم نٿي ڪري سگهي. شهرين کي پاليسي جي خلاف احتجاج جو حق هوندو آهي. جمهوري حڪومت جي خلاف نه.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آزادي مارچ جي خلاف درخواستون اڪلائيندي مقامي انتظاميه کي معاملو ڏسڻ جو حڪم ڏنو. عدالت حڪم ڏنو ته اسلام آباد انتظاميه ڌرڻي جي اجازت بابت درخواست کي قانون موجب اُڪلائي.انتظاميه احتجاج ڪندڙن ۽ نه ڪندڙن ٻنهي جي حقن جو تحفظ ڪري. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ڌرڻي وارن چيف ڪمشنر سان رابطو ڪيو آهي. ان ڪري انتظاميه کي ان تي فيصلو ڪرڻ ڏيو.پي ٽي آءِ کي 2014 ۾ هن ئي عدالت احتجاج جي اجازت ڏني هئي. تڏهن به انتظاميه کي چيو ويو هو ته احتجاج ڪندڙن جي حقن کي يقيني بنايو وڃي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے