Home / پاڪستان / وزيراعظم عمران خان جي تهران ياترا- ايران يمن ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

وزيراعظم عمران خان جي تهران ياترا- ايران يمن ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

تهران (م ڊ) سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي تي ايران پهتو، ايراني صدر سميت اعليٰ قيادت سان ملاقاتون، ايران يمن ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، حسن روحاني چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ملڪ سمجهي ٿو ته خطي ۾ عدم استحڪام باوجود ڪا ڪارروائي نه ٿيندي ته اهو غلط پيو سوچي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ جنگ نه ٿا چاهيون، ٽياڪڙي لاءِ ڪنهن به ناهي چيو، پاڪستان اها ذميواري پاڻ کنئي آهي. وزيراعظم عمران خان تهران پهتو ته ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف ايئرپورٽ تي سندس آجيان ڪئي. جنهن بعد وزيراعظم عمران خان ۽ ايراني صدر حسن روحاني وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، خاص معاون ذوالفقار عباس بخاري ۽ ٻين پاڪستاني اختيارين به شرڪت ڪئي. ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ايراني صدر حسن روحاني چيو ته وزيراعظم عمران خان سان ملاقات دوران تازن واقعن، خاص ڪري خليج فارس ۽ سڪيورٽي توڙي امن سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون، ايراني صدر وزيراعظم عمران خان جي آجيان ۽ پاڪستان جي خير سگالي واري جذبي جي به واکاڻ ڪئي. حسن روحاني چيو ته خير سگالي واري جذبي جي جواب ۾ به خير سگالي جو مظاهرو ڪيو ويندو. ايراني صدر چيو ته پاڪستان ۽ ايران پاڙيسري دوست ملڪ آهن، پاڪستان ۽ ايران گڏجي خطي جي استحڪام لاءِ ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ملڪ سمجهي ٿو ته خطي ۾ عدم استحڪام باوجود ڪا ڪارروائي نه ٿيندي ته اهو غلط پيو سوچي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران سمجهن ٿا ته علائقائي ڳالهين ذريعي ئي حل ٿي سگهن ٿا. ايراني صدر چيو ته يمن ۾ جنگ فوري طور بند ڪري عوام جي مدد ڪئي وڃي. حسن روحاني چيو ته ملاقات دوران ايران خلاف امريڪا جي جابراڻن قدمن تي به ڳالهيون ٿيون، امريڪا کي گهرجي ته ايران تي لڳايل پابندي هٽائي. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته والاريل ڪشمير جي مسلمانن لاءِ ايران جي حمايت تي سندن ٿورائتا آهيون. عمران خان چيو ته ايران جي دوري جو مقصد آهي ته اسان خطي ۾ هڪ وڌيڪ تڪرار نه ٿا چاهيون. هن چيو ته ايران اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي، سعودي عرب هر ضرورت تي اسان جي مدد ڪئي آهي. ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ جنگ نه ٿا چاهيون. جنگ جي صورت ۾ خطي اندر غربت پکڙبي ۽ امن سان گڏ معيشت کي به نقصان پهچندو. تڪرار جو حل ڳالهين ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته ڪنهن به سعودي ۽ ايران وچ ۾ ٽياڪڙي جو ناهي چيو، اها ذميواري پاڪستان پاڻ کنئي آهي. هن چيو ته اسان ٻن برادر ملڪن وچ ۾ سهولتڪاري ڪرڻ چاهيون ٿا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے