Home / سنڌ / لاکيڻي لطيف جو 276هون عرس سڀاڻي کان شروع- هزارين پانڌيئڙا پهچي ويا

لاکيڻي لطيف جو 276هون عرس سڀاڻي کان شروع- هزارين پانڌيئڙا پهچي ويا

ڀٽ شاهه (رپورٽر) لاکيڻي لطيف شاعرن جي سرتاج ۽ ننڍي کنڊ جي عظيم صوفي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 276 هين عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن واريون تقريبون اڄ سومر کان شروع ٿينديون. سنڌ حڪومت پاران اڄ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي عرس مبارڪ جي حوالي سان ڀٽ شاهه جي نگري ۽ درگاهه کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو آهي، پنهنجي روحاني رهبر جي حاضري لاءِ عقيدتمندن پاران جيئي لطيف جي گونج ۾ آمد جو سلسلو گذريل ڪافي ڏينهن کان جاري آهي ضلعي انتظاميه ۽ مٽياري پوليس پاران سيڪيورٽي لاءِ انتهائي غير معمولي اپاءُ ورتا ويا آهن، گهرو کاتي پاران 13 آڪٽوبر کان 16 آڪٽوبر تائين قلم 144 لاڳو، هٿيارن جي نمائش تي پابندي، لطيف جي پانڌيئڙن لاءِ مفت طبي ڪيمپن، پاڻيءَ جي سبيلن ۽ لنگر جو پڻ انتظام ڪيو ويو آهي. عرس مبارڪ جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن لاءِ 2400  پوليس اهلڪارن سان گڏ 80 رينجرز اهلڪار مقرر، انٽيليجنس نيٽ ورڪ کي هاءِ الرٽ ڪري سادن ڪپڙن ۾ پڻ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، درگاهه سميت مختلف هنڌن تي 44 ڪلوز سرڪٽ ڪئميرا نصب ڪيا ويا آهن، مختلف جڳهين تي 20 واڪ ٿرو گيٽ پڻ لڳايا ويا آهن. ادبي ڪانفرنس ۾ ثقافت کاتي پاران هڪ ڪتاب ۽ سووينيئر جي مهورت ڪئي ويندي، جانورن جي نمائش، گهوڙن جي ريس، نمائش گرائونڊ ۾ زرعي ڳوٺ، شاهه جو باغ ۾ قائم ثقافتي ڳوٺ ۾ سنڌ جي مختلف هٿ جي هنرن جا اسٽال لڳايا ويا آهن جڏهن ته تاريخي ڪراڙ ڍنڍ کي تازي پاڻيءَ سان ڀريو ويو آهي، ڪراڙ ڍنڍ جي وچ ۾ نصب ٿيل شاهه سائين جو شاهڪار مجمسو پانڍيئڙن جي توجهه جو مرڪز بڻيل، ايڇ ٽي سورلي هال ۾ پهرئين ڏينهن سگهڙن جي ڪچهري، ٻئي ڏينهن سالياني ادبي ڪانفرنس منعقد ٿيندي، جڏهن ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي آڊيٽوريم ۽ شاهه جو باغ ۾ فنڪار سر وکيريندا، عرس مبارڪ جا ٽئي ڏينهن ملاکڙا گرائونڊ ۾ ملهه پهلوان زور آزماني ۽ طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪندا.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے