Home / پاڪستان / ڪوشش آهي ته ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪري وڃون: حفيظ شيخ

ڪوشش آهي ته ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪري وڃون: حفيظ شيخ

اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته حڪوت وٽ ايترا وسيلا ناهن جو هرشعبي جي مدد ڪري سگهي.اسلام آباد ۾ ايف بي آر جي چيئرمين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي حفيظ شيخ چيو ته حڪومت جي ڏکين فيصلن سبب معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي، مالياتي خساري ۾ 35 سيڪڙو گهٽتائي جڏهن ته ريونيو ۾ 16 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي.هن چيو ته پاڪستان جي معيشت بابت پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿي ويو آهي ۽ هاڻي گذريل ٽن مهينن ۾ 340 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري آئي آهي.حفيظ شيخ چيو ته حڪومت آءِ ته ملڪ جي معاشي حالت زرا هُئي ۽ ملڪ تي 30هزار ارب جا قرضا هئا، آءِ ايم ايف، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ورلڊبئنڪ کان قرض مليو، اقتصادي سڌارن جا سٺا اثر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، حڪومت جي خساري کي گهٽ ڪرڻ سان فائدو عوام کي ٿيندو.ايف اي ٽي ايف بابت ڳالهائيندي هُن چيو ته 27 مان 20 قدم کنيا ويا آهن، ڪوشش آهي ته جلد کان جلد گري لسٽ مان نڪري وڃون.واپارين طرفان هڙتال بابت سوال تي حفيظ شيخ ٻڌايو ته واپارين 20 کان وڌيڪ ڀيرا ڳالهيون ٿي چڪيون آهن، هُنن سان ڳالهيون اڃا به هلندڙ آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے