Home / رانديون / آل رائونڊر محمد حفيظ زخمي آڱوٺي جي سرجري ڪرائي ورتي

آل رائونڊر محمد حفيظ زخمي آڱوٺي جي سرجري ڪرائي ورتي

لاهور(اسپورٽس نيوز)انجري سبب پاڪستان سپر ليگ جي هاڻوڪي چوٿين سيزن کان ٻاهر ٿيندڙ اسٽار آل رائونڊر ۽ لاهور قلندرز جي ڪپتان محمد حفيظ جي زخمي آڱوٺي جي سرجري ڪئي وئي آهي.پي ايس ايل ۾ ڪراچي ڪنگز خلاف مئچ دوران ڪولن انگرام جو ڪئچ پڪڙڻ جي ڪوشش ۾ محمد حفيظ جو آڱوٺو زخمي ٿيو هو، مئچ ختم ٿيڻ کانپوءِ محمد حفيظ کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ لاهور قلندرز پاران اعلان ڪيو ويو ته حفيظ پي ايس ايل جون بقايا مئچون کيڏي نه سگهندو.محمد حفيظ هن وقت علاج هيٺ آهي ۽ سندس آڱوٺي جي سرجري به ڪئي وئي آهي، جنهن جون تصويرون ان جي گهر واري نازيا حفيظ ٽوئيٽر تي شيئر ڪيون آهن، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته آل رائونڊر اسپتال جي بيڊ تي ليٽيل آهي ۽ سندس هٿ ۾ پٽي ٻڌل آهي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ورلڊ ڪپ کانپوءِ ٽيم جا ست رانديگر تبديل ٿيندا: شعيب اختر

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر چيو آهي ته ورلڊ ڪپ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے