Home / پاڪستان / مولانا فضل الرحمان جو مارچ چورن جي آزادي جي لاءِ آهي: فردوس اعواڻ

مولانا فضل الرحمان جو مارچ چورن جي آزادي جي لاءِ آهي: فردوس اعواڻ

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان جي سڌسماءُ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر جو مارچ ڪشميرين جي آزادي لاءِ نه پر چورن جي آزادي لاءِ آهي.تفصيل موجب سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي فردوس عاشق اعواڻ جو چوڻ هو ته محمدنوازشريف جي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ مولانافضل الرحمان جي مارچ جي ٻلي ٿيلي مان ٻاهر اچي وئي آهي.هُن چيو ته ثابت ٿي ويو آهي ته مارچ ڪشميرين جي آزادي لاءِ نه پر چورن جي آزادي لاءِ آهي، هو مظلومن ۽ بي ڏوهين لاءِ نه پر ڪرپشن جي بادشاهن جي سياسي ۽ معاشي روزگار کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ٻاهر نڪري رهيا آهن.فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نوازشريف ۽ شهبازشريف، سميع الله ۽ ڪليم الله جي راند کيڏي رهيا آهن، ڪڏهن بال شهبازشريف وٽ هوندي آهي ۽ ڪڏهن نوازشريف وٽ پر ٻئين گول ڪرڻ ۾ ناڪام آهن ڇو جو ٻنهي جا گول پوسٽ ڌار آهن.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اڄ ماڊل ٽائون ۾ ٿيندڙ اجلاس به ان راند جو حصو آهي، ڄاڻو ٿا ته فضل الرحمان سياسي حلوي جو شوقين آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد کي لاڪ ڊائون نه ڪيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے