Home / سنڌ / بلاول ڀٽو ايندڙ نسلن جي بهتري لاءِ وڙهي رهيو آهي: بختاور ڀٽو

بلاول ڀٽو ايندڙ نسلن جي بهتري لاءِ وڙهي رهيو آهي: بختاور ڀٽو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ )  شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڌيءَ بختاور ڀٽو چيو آهي ته بلاول ڀٽو ايندڙ نسلن جي بهتري لاءِ وڙهي رهيو آهي، سياست ۾ اسان جي خاندان جون تمام گهڻيون قربانيون آهن.تفصيل موجب عرب نيوز کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته مان ٽوئٽر تي ته تمام گهڻي سرگرم آهيان پر حڪومتي معاملن کان پري رهندي آهيان، منهنجو اڃان تائين سياست ۾ اچڻ جو ڪوبه ارادو ناهي.بختاور ڀٽو زرداري چيو ته ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف قائم ڪيس فقط سياسي انتقام آهن، 90 جي ڏهائي ۾ بينظير ڀٽو جو سياسي ڪردار ختم ڪرڻ جي لاءِ منهنجي پيءُ خلاف ڪوڙن الزامن جو سلسلو شروع ڪيو ويو.هن الزام هڻندي چيو ته منهنجي پيءُ تي جيل ۾ جيڪو ظلم  ٿي رهيو آهي اهو اسان کان لڪايو پيو وڃي، هن کي جيل جي ڪمري ۾ هڪ ننڍو فرج رکڻ جي به اجازت ناهي جنهن ۾ هو انسولين جون دوائون رکي سگهي.بختاور ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته منهنجي پيءُ کي ڪوڙن الزامن جي ڪري 11 سال جيل ۾ قيد رکيو ويو جنهن کانپوءِ عدالتن کيس سمورن الزامن ۾ باعزت بري ڪيو.هن چيو ته حڪومت آصف زرداري کي اهي سهولتون به نه پئي ڏئي جيڪي هڪ عام شهري ۽ اڳوڻي صدر جي حيثيت سان کيس ملڻ گهرجن، کيس صحيح طريقي سان ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ جي به اجازت نه ملي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هڪ پرعزم، پري جي سوچ رکندڙ ۽ بااصول نوجوان ۽ سياسي اڳواڻ آهي جيڪو پارليامينٽ جي بالادستي، انساني حقن ۽ جمهوريت بابت پنهنجي موقف تي قائم آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے