Home / سنڌ / سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ تبديل ڪرڻ تي غور

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ تبديل ڪرڻ تي غور

ڪراچي (مانيٽڙنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سنڌ جي قيادت جي خلاف جاري ڇڪتاڻ جهڪي نه ٿي سگهي سنڌ اسيمبلي ۾ نئين اپوزيشن ليڊر جي نالن تي غور ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي نئين مخالف ڌر اڳواڻن ۾ خرم شيرزمان، حليم عادل شيخ ۽ شهزاد قريشي جا نالا به شامل آهن ذريعن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبنلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ فردوس شميم نقوي سان اڪثر ميمبرن جي اختلافن جا سبب سامهون اچي ويا آهن ميمبرن مطابق فردوس شميم پنهنجي ذات ۾ اسڪول پرنسپل آهي ميمبرن سان ٻارڙن وانگر ورتاءُ ڪري ٿو ذريعن موجب اسيمبلي ميمبرن جو چوڻ آهي ته فردوس شميم کي پارليماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ هڪ منٽ جي دير برداشت نه آهي ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڌڙڪا ڏي ٿو ۽ تذليل ڪيو وڃي ٿو ڳچ اسيمبلي ميمبر ان جي تبديلي چاهين ٿا جڏهن ته اڪثر اسيمبلي ميمبر حليم عادل شيخ کان به خفا آهن پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ قيادت سان ڇڪتاڻ جي ڪري خبرون آهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ نئين اپوزيشن ليڊر جي نالن جي ڳالهه شروع ٿي چڪي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے