Home / پاڪستان / چوڌري شگر ملز ڪيس، نوازشريف نيب حوالي، 3 ڀيرا وزيراعظم رهيو آهيان: نوازشريف

چوڌري شگر ملز ڪيس، نوازشريف نيب حوالي، 3 ڀيرا وزيراعظم رهيو آهيان: نوازشريف

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) احتساب عدالت چوڌري شگرملز ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي.تفصيل موجب پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف کي نيب اختيارين چوڌري شگرملز ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو.احتساب عدالت جي ڪارروائي جي شروعات ٿي ته نيب جي جاچ آفيسر نوازشريف جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي.عدالت جاچ آفيسر کان سوال ڪيو ته ڇا نوازشريف کي گرفتاري وقت گرفتاري وارنٽ ڏيکاريا ويا؟ جنهن تي جاچ آفيسر بيان ڏنو ته گرفتاري وارنٽ باقاعده ڏيکاري نوازشريف کي گرفتار ڪيو ويو.نوازشريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٻڌايو ڪرپشن ڪٿي ٿي آهي، مان هن ملڪ ۾ وزير به رهيو آهيان ۽ 3 ڀيرا وزيراعظم به رهيو آهيان، 5 دفعن جي وزارتن ۾ هڪ پئسي جي به ڪرپشن ڏيکاريو، ڪرپشن ڏيکاريو مان سياست ڇڏي ڏيندس.هُن چيو ته مان سياست ۾ پوءِ آيو هئس، اثاثا اڳ جا آهن، نيب مشرف رڳو منهنجي لاءِ ٺاهي هُئي، هي هڪ ڪارو قانون آهي، مان ته جيل ۾ آهيان پر منهنجي ايتري مخالفت آهي جو هي مونکي ڪارو پاڻي وٺي وڃڻ چاهين ٿا، نيب کي ڀُل آهي ته اسان ڊڄي وينداسين.نيب پراسيڪيوٽر دليل ڏنا ته 2016ع ۾ نوازشريف سڀ کان وڌيڪ شيئرهولڊر هو، نوازشريف چوڌري شگرملز ۽ شميم شگرملز ۾ شيئرهولڊر هو، 1992ع ۾ چوڌري شگرملز قائم ڪئي وئي.نيب پراسيڪيوٽر چيو ته نوازشريف 1992ع ۾ 43 ملين شيئرز جو مالڪ هو، چوڌري شگرملز ۾ مريم نواز، شهبازشريف سوڌو ٻيا ماڻهو شيئرهولڊر هئا، ميان نوازشريف 1992ع ۾ ايترا شيئر ڪيئن حاصل ڪيا اُهو ناهي ٻڌايو ويو، نوازشريف کي 1 ڪروڙ 55 لک رپيا 1992ع ۾ پرڏيهه جي هڪ ڪمپني ڏنا، پرڏيهه واري ڪمپني جو مالڪ ڪير آهي اڄ تائين خبر نه پئجي سگهي.نوازشريف جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته نوازشريف چوڌري شگرملز جو ڊائريڪٽر ۽ شيئرهولڊر ڪڏهن به ناهي رهيو، هِن جي اثاثن جي جان پڙتال پهريون ڀيرو ناهي ٿي رهي، هِن جا سڀ اثاثا قانون موجب آهن، نوازشريف مٿان سياسي ڪيس ٺاهيا ويا آهن.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ نوازشريفکي  14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪندي کيس 25 آڪٽوبر تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے