Home / سنڌ / نمرا جو قتل ڪيس داخل، شاگردياڻي کي رائفل فائر ازم جي گولي لڳي: پوسٽ مارٽم رپورٽ

نمرا جو قتل ڪيس داخل، شاگردياڻي کي رائفل فائر ازم جي گولي لڳي: پوسٽ مارٽم رپورٽ

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) نارٿ ڪراچي انڊه موڙ ويجهو مبينا پوليس مقابلي دوران مارجي ويل ميڊيڪل جي شاگردياڻي نمره بيگ جي قتل جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي سينٽرل پوليس موجب نمره بيگ جي قتل جو ڪيس سر سيد ٿاڻي ۾ سرڪار جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته فريادي پوليس اهلڪار عدنان نورجهان ٿاڻي ۾ مقرر آهي. ڪيس ۾ پوليس مقابلي، قتل، قتل جي ارادي ۽ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. ايس ايس پي سينٽرل ٻڌايو ته نمره جي قتل جو ڪيس مقابلي ۾ مارجي ويل ڦورو رياض ۽ زخمي جوابدار خلاف داخل ڪيو ويو آهي. جوابدارن جو تعلق رحيم يار خان سان آهي جڏهن ته ٻنهي جوابدارن جي ڪرمنل رڪارڊ جا تفصيل حاصل ڪيا پيا وڃن. نمره بيگ جي موت جي جاچ لاءِ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڊي آءِ جي سي آءِ اي عارف حنيف جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني ڪميٽي به قائم ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي سينٽرل پوليس موجب ٻن ڊي آءِ جيز ۽ ٽن ايس ايس پيز جي ڪميٽي جاچ ڪري رهي آهي رڳو پوسٽ مارٽم جي آخري رپورٽ جو انتظار ڪيو پيو وڃي،  جيڪڏهن پوليس خلاف شاهدي ملي ته ٻنهي اهلڪارن خلاف ڪارروائي ٿيندي. ٻئي طرف نمره جي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب کيس 10 وڳي 21 منٽ تي جناح اسپتال آندو ويو جنهن جي مٿي ۾ سڌي حصي تي گولي لڳي. رپورٽ جي متن موجب نمره جي مٿي تي لڳندڙ زخم جي ڊيگهه اڍائي سينٽر ميٽر هئي ۽ کيس لڳندڙ گولي رائفل فائر آرم جي هئي پر گولي ويجهو کان لڳڻ جون شاهديون نه مليون آهن. پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب گولي لڳڻ سبب نمره جي مٿي جي هڏي ۾ فريڪچر به ٿيو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے