Home / پاڪستان / شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل جي عدالتي رمانڊ ۾ واڌ

شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل جي عدالتي رمانڊ ۾ واڌ

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهدخاقان عباسي ۽ اڳوڻي ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 14 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل ۽ پي ايس او جي اڳوڻي ايم ڊي شيخ عمران الحق کي اڊيالا جيل کان احتساب عدالت جي جج محمدبشير آڏو پيش ڪيو ويو.ٻڌڻي دوران شاهد خاقان عباسي چيو ته جيل ۾ ساٿين ۽ وڪيلن سان ملڻ نه پيو ڏنو وڃي، گڏ ويهڻ تائين دفاع ڪيئن ڪنداسين.هُن چيو ته سموري مشينري استعمال ٿي رهي آهي، عدالتي حڪمن تي عمل نه پيو ڪيو وڃي جيڪڏهن حڪومت کي گهڻو شوق آهي ته پهريان آزاد ڪري پوءِ وري ٻيهر گرفتار ڪري وٺي.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ٽنهي جوابدارن جي جوڊيشل رمانڊ ۾ واڌ ڪندي کين 28 آڪٽوبر تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے