Home / انٽرنيشنل / افغان حڪومت ۽ طالبان ۾ قيدن جي مٽا سٽا، طالبان جا اهم ڪمانڊر آزاد

افغان حڪومت ۽ طالبان ۾ قيدن جي مٽا سٽا، طالبان جا اهم ڪمانڊر آزاد

ڪابل(مانيٽرنگ ڊيسڪ) افغانستان ۾ طالبان پنهنجي 11 ويڙهاڪن جي بدلي گذريل سال اغوا ڪيل 3 ڀارتي انجنيئرن کي ڇڏي ڏنو آهي. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب افغانستان ۾ طالبان ويرهاڪن هڪ سال اڳ اغوا ڪيل 7 ڀارتي انجنيئرن مان 3 کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.ان جي بدلي ۾ 11 طالبان قيدين کي به آزاد ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ ملا عمر جي دور جا ڪنڙ ۽ نمروز جا 2 اڳوڻا صوبائي گورنر شيخ عبدالرحيم ۽ مولوي عبدالرشيد به شامل آهن.  قيدين جي ڏي وٺ آمريڪا جي مداخلت ۽ ڳالهين کان پوءِ بغلان صوبي ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي ٿي. پر طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد، ڪابل حڪومت ۽ ڀارت طرفان ان معاملي تي ڪوبه تبصرو سامهون ناهي آيو.جڏهن ته طالبان جي مقامي اڳواڻن طرفان جاري ڪيل ڪجهه تصويرون  غور هيٺ آهن جن ۾ ٻنهي گورنرز ۽ ٻين قيدين جو  ڀرپور استقبال ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.ياد رهي ته افغانستان جي صوبي بغلان ۾ 2018 جي بجلي جي هڪ منصوبي تي ڪم ڪندڙ 7  ڀارتي انجنيئرز کي طالبان ويڙهاڪن اغوا ڪيو هو جنهن مان هڪ ڀڃي وڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو ۽ ڀارت تائين  پهچي ويو. پر ٻين جي باري ۾ اڃان تائين ڪابه ڄاڻ حاصل ناهي ٿي سگهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

صدر ڊونلڊ ٽرمپ عالمي بينڪ کي چين کي قرض ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو

نيويارڪ (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عالمي بينڪ کي چين کي قرض ڏيڻ کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے