Home / پاڪستان / جج وڊيو اسڪينڊل فيصلي خلاف نواز جي نظرثاڻي درخواست

جج وڊيو اسڪينڊل فيصلي خلاف نواز جي نظرثاڻي درخواست

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جج وڊيو اسڪينڊل ۾ فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.ايڊووڪيٽ خواجه حارث جي ذريعي داخل ڪيل درخواست ۾ اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ 23 آگسٽ جي فيصلي تي نظر ثاني ڪري. سپريم ڪورٽ ايڊووڪيٽ اشتياق مرزا، ايڊووڪيٽ طارق اسد ۽ ايڊووڪيٽ سهيل اختر جي درخواستن تي فيصلو ٻڌايو. درخواست ۾ جج ارشد ملڪ ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.هوڏانهن نگران سيشن جج ڪيس کي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ٻڌڻي دوران  جج سڪندر خان جوابدارن  جي گرفتاري بابت پڇاڻو ڪيو جنهن تي وفاقي جاچ ڪندڙ اداري(ايف آءِ اي) جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدار حمزه عارف بٽ ۽ فيصل شاهين آهن. جج چيو ته اوهان ڪيس ۾  دهشتگردي جا قلم لڳايا آهن ان ڪري جوابدارن کي دهشتگردي جي  خاتمي واري عدالت ۾ پيش ڪريو.وڪيل صفائي چيو ته رڪارڊ موجب دهشتگردي جا قلم لڳي ئي نٿا سگهن. هي ڪيس دهشتگردي جي تعريف تي پورو نٿو لهي. جج رمارڪس ڏنا ته قانون دهشتگردي جي انت واري عدالت کي ئي ٻڌڻ جي اجازت ڏئي ٿو. اتي وڃي دليل ڏيو اهي ئي فيصلو ڪندا.  جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

دعا منگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرائينداسين: ڪراچي پوليس

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي پوليس دعا منگي ڪيس ۾ شهرين کي ڄاڻ ڏيڻ جي اپيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے