نڪور خبرون
Home / پاڪستان / ماڻهن ۾ صبر نه آهي، اڃا 13 مهينا مس ٿيا آهن ۽ چون ٿا ته ڪٿي آهي نئون پاڪستان؟ـ وزيراعظم

ماڻهن ۾ صبر نه آهي، اڃا 13 مهينا مس ٿيا آهن ۽ چون ٿا ته ڪٿي آهي نئون پاڪستان؟ـ وزيراعظم

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان غريب ماڻهن کي مفت ماني کارائڻ واري پروگرام احساس سيلاني لنگر جو افتتاح ڪري ڇڏيو،وزيراعظم چيو آهي ته ماڻهن ۾ صبر نه آهي، اڃا 13 مهينا مس ٿيا آهن ۽ چون ٿا ته ڪٿي آهي نئون پاڪستان؟.وزيراعظم عمران خان احساس سيلاني لنگر اسڪيم جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم جي خصوصي معاون ثانيه نشتر موجب احساس سيلاني لنگر اسڪيم تحت روزانو 600 ضرورتمند ماڻهن ۾ مفت کاڌو ورهايو ويندو ۽ اُن کي مرحليوار ٻين شهرن تائين به وڌايو ويندو. هُن ٻڌايو اسڪيم تحت سموري ملڪ ۾ 112 لنگر خانا کوليا ويندا.وزيراعظم جو خطاب افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته احساس پروگرام ملڪ ۾ غربت ختم ڪرڻ جي حوالي سان سڀ کان وڏو پروگرام آهي، حڪومت کي ڪمزور طبقي جي ذميواري کڻڻي آهي ۽ هن پروگرام تحت لنگر خاني لاءِ فنڊز ڏنا ويندا.هن وڌيڪ چيو ته  مهانگائيءَ ڪري سموري ٽئڪس غريبن مان گڏ ڪندا آهيون، جنهن جي ڪري فاصلا وڌي ويا آهن، اُن سان نظام ۾ برڪت نه ايندي آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪاروباري طبقي جي مدد ڪنداسين ته جيئن اُهو پئسو ٺاهي، اُن سان اسان جو ٽئڪس گڏ ٿيندي ۽ پوءِ اُهو ڪمزور طبقي تي خرچ ڪيو ويندو، جيئن چين ڪيو آهي پر ماڻهن ۾ صبر ناهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهزادو وليم ۽ ڪيٽ مڊلٽن چترال پهچي ويا، شاندار آڌرڀاءُ، کين ليڊي دائنا جي تصويرن وارو يادگار البم پيش

چترال (م ڊ) برطانوي شهزادو وليم ۽ سندس زال ڪيٽ مڊلٽن پاڪستان جي دوري جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے