Home / پاڪستان / ڀارت والاريل ڪشمير ۾ 62 ڏينهن کان ڪرفيو لاڳو ڪري رکيو آهي: پرڏيهي وزير

ڀارت والاريل ڪشمير ۾ 62 ڏينهن کان ڪرفيو لاڳو ڪري رکيو آهي: پرڏيهي وزير

ملتان (م ڊ) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي. ڀارتي حڪومت ڪشمير مان فوري طور تي ڪرفيو کڻي. ملتان ۾ حضرت بهاءُ الدين زڪريا رحمة الله عليه جي عرس جي ٽئين ڏينهن واري تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ 62 ڏينهن کان ڪرفيو لاڳو ڪري رکيو آهي، ڀارتي حڪومت کي گهرجي ته اها والاريل ڪشمير مان فوري طور تي ڪرفيو کڻي ۽ بيگناهه شهرين مٿان پيليٽ گن سان فائرنگ تي پابندي لڳائي وڃي. هن چيو ته ماٿري ۾ اسڪول مڪمل طور تي بند پيل آهن. ڪوڙ ڳالهائيندي ڪشمير ۾ سڀ ٺيڪ آهي، چيو پيو وڃي. ايئن نه ٿئي جو ڪشميرين جو صبر جواب ڏئي وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڪشمير ۾ خوراڪ ۽ دوائن جو فقدان ٿي ويو آهي. پاڪستان ڪنهن مندر تي پابندي ناهي لڳائي، ڪشمير ۾ عيد جي نماز ۽ قرباني نه ڪرڻ ڏني وئي. جمعي جي نماز ۾ پڻ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن. هن چيو ته پاڪستان افغانستان سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو ۽ پاڪستان تورخم سرحد کي واپار لاءِ 24 ڪلاڪ کليل رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت ۽ وزيرن کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هو مديني جي رياست ٺاهي رهيا آهن: جاويد اقبال

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب چيرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو آهي ته حڪومت ۽ وزيرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے