Home / پاڪستان / سليڪٽيڊ حڪومت کي هلندڙ سال ئي گهر موڪلي عوامي راڄ قائم ڪنداسين: بلاول

سليڪٽيڊ حڪومت کي هلندڙ سال ئي گهر موڪلي عوامي راڄ قائم ڪنداسين: بلاول

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته حڪومت معيشت جو اهو حال ڪري ڇڏيو آهي جو هر انڊسٽري مان ماڻهو بيروزگار ٿي رهيا آهن.عمران خان ڪروڙين نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ هاڻ خبر ناهي ته ڪيترا ڪروڙ ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن.پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سليڪٽڊ حڪومتن جي عوام جي مسئلن جي حل ۾ نه دلچسپي هوندي آهي ۽ نه ئي انهن کي اهڙن مسئلن سان ڪو فرق پوندو آهي.يمن، شام ۽ عرفاق جي طرح جنگ زده علائقن ۾ انساني بنيادن تي امدادي ادارن کي پهچ ڏني ويندي آهي. حڪومت اڄ تائين ڪشمير ۾ انساني بنيادن تي امدادي ادارن کي پهچ جو مطالبو ناهي ڪيو.بلاول ڀٽو چيو ته اڄ اسان نيب الرٽ بل کي منظور ڪيو آهي. ٻارن سان زيادتي جي واقعن تي قابو پائڻ جي لاءِ صرف زينب بل ڪافي ناهي، پنجاب سميت ٻين اسيمبلين مان به زينب الرٽ بل منظور ڪرڻو پوندو.هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي حراسان ڪرڻ جي ڪيسن ۾ ايف آءِ اي پنهنجو موثر ڪردار ادا نه پيو ڪري.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت ۽ وزيرن کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هو مديني جي رياست ٺاهي رهيا آهن: جاويد اقبال

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب چيرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو آهي ته حڪومت ۽ وزيرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے