نڪور خبرون
Home / رانديون / ڪپتان سرفراز احمد کي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي: راشد لطيف

ڪپتان سرفراز احمد کي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي: راشد لطيف

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف چيو آهي ته ڪپتان سرفراز احمد کي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي ته ٽيم ۾ رهي سگھندو. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راشد لطيف جو چوڻ هو ته سرفراز احمد ٽيم جو اهم ميمبر آهي پر ان کي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي. سٺي ڪارڪردگي وڪيٽن جي پويان به ضروري آهي ۽ اڳيان به. هن ڪرڪيٽ بورڊ تي زور ڀريو ته هو سريلنڪا سان سيريز جي هاڪاري لاڙا پوري دنيا کي ٻڌائي ته جيئن ٻين ٽيمن کي به پاڪستان آڻڻ ۾ مدد ملي سگھي. راشد لطيف جو چوڻ هو ته ٻاهر ويٺل ماڻهن کي پاڪستان جي حقيقتن جو اندازو ناهي، ان جي لاءِ ضروري آهي ته پي سي بي دنيا کي خاص طور تي آسٽريليا، نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جھڙين ٽيمن کي آگاهه ڪري ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽيءَ جا انتظام ڪيتري قدر بهتر آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو ته حڪومت ڪرڪيٽ سان گڏوگڏ ٻين راندين ۾ به انٽرنيشنل ٽيمن کي پاڪستان آڻڻ جي ڪوشش ڪندي ته جئين ٻيون اسپورٽس سيريزن کي بنياد بڻائي ڪرڪيٽ ٽيمن کي پاڪستان آڻڻ جو حوصلو ڏنو وڃي. ڪراچيءَ ۾ ون ڊي سيريز بابت راشد لطيف جو چوڻ هو ته هو ورڪنگ ڊي ۽ وري موسم جي ڏکيائين باوجود به ڪراچيءَ وارا گرائونڊ ۾ آيا ۽ ٽيم جي سپورٽ ڪين جيڪا تعريف جوڳي ڳالهه آهي. سندس چوڻ هو ته بهتر هجي ها جو پي سي بي اڳوڻن ڪرڪيٽرن کي سڏائي انهن سان پنهنجن منصوبن بابت ڳالهائي ها ۽ اسان جي راءِ به ٻڌي ها ته شيون بهتر ٿي سگھن پيون.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ سريلنڪا سيريز جو پهريون ميچ اڄ نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿيندو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ون ڊي سيريز جو پهريون ميچ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے