Home / پاڪستان / مارچ دوران ماڻهن جي طوفان ۾ حڪومت ڪَک جيان لُڙهي ويندي: مولانا فضل الرحمان

مارچ دوران ماڻهن جي طوفان ۾ حڪومت ڪَک جيان لُڙهي ويندي: مولانا فضل الرحمان

جي يو آءِ سربراهه حڪومت جي خاتمي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته   مارچ دوران ماڻهن جي طوفان ۾ حڪومت ڪَک جيان لُڙهي ويندي، 27 آڪٽوبر کان اڳ به حڪومت جي استعيفائن جي صورت ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي.پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ سربراهه  ملڪ ۾ نيون چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته نااهل ۽ ناجائز حڪومت کي گهر موڪلڻو پوندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسلام آباد وڃڻ اسان جو آخري فيصلو آهي، آزادي مارچ جي پهرين منزل اسلام آباد هوندي. مولانا فضل الرحمان چيو ته هي جنگ حڪومت جي خاتمي تي ختم ٿيندي، مايوس نه آهيان، آصف زرداري اسان سان گڏ آهي. هُن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي سميت سمورين جماعتن سان رابطو آهي، سڀني جو اتفاق آهي ته 25 جون واري چونڊ جعلي هئي. سندس چوڻ هو ته خبر آهي ته نيويارڪ ۾ وزيراعظم ڪنهن سان ملاقات ڪئي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے