نڪور خبرون
Home / سنڌ / پي ٽي آءِ جي حڪومت ڪيئن آئي، ڊپٽي اسپيڪر جا دٻا لکڻ سان پتو پيو آهي: سعيد غني

پي ٽي آءِ جي حڪومت ڪيئن آئي، ڊپٽي اسپيڪر جا دٻا لکڻ سان پتو پيو آهي: سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير سعيد غني چيو آهي ته چيئرمين نيب ۽ نيب جو ادارو رڳو مخالف ڌر جي ماڻهن خلاف وٺ پڪڙ ڪرڻ لاءِ آهي، من پسند احتساب ٿي رهيو آهي، نيب کي هٿيار طور استعمال ڪيو ٿو وڃي، هڪ وڊيو چيئرمين نيب جي حوالي سان وائرل ٿي هئي جيڪا هڪ حڪومتي عهديدار جي ٽي وي چينل تي ڏيکاري وئي هئي ۽ اوچتو اها وڊيو غائب ٿي وئي ان وڊيو جي جاچ ڪئي وڃي، اهي الزام غلط آهن يا درست پتو لڳڻ کپي، الزام غلط آهن ته جنهن عورت الزام لڳايو هو ان خلاف ڪاررائي ڪئي وڃي، الزام درست آهن ته پوءِ چيئرمين نيبجي خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، صوبائي وزير چيو ته جيڪڏهن ڪنهن احتساب عدالت جي جج خلاف وڊيو اچي ٿي ته جج بجاءِ وڊيو ٺاهيندڙ جي پويان پئجي وڃن ٿا، اهڙي طرح چيئرمين نيب خلاف به وڊيو آئي جنهن کي حڪومت هٿيار طور استعمال ڪري رهي آهي، حڪومت چيئرمين نيب کي بليڪ ميل ڪري مخالف ماڻهن جي خلاف استعمال ڪري رهي آهي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي، هن  چيو ته وزيراعظم جي هدايت آهي ته ڪنهن به واپاري خلاف ڪيس نيب وٽ نه ويندو. هو هڪ ڪميٽي ٺاهي رهيا آهن جنهن ۾ به واپاري برادري جا ماڻهو هوندا، ۽ هو اهي ئي ماڻهو هوندا جن جي خلاف ڪيس آهن، اهي فيصلو ڪندا ته ڪهڙو ڪيس نيب کي موڪليو وڃي ، نيب قرف اهي ڪيس کڻندي جيڪي ڪميٽي موڪليندي، ان فيصلي بعد ڪو شق نه آهي ته نيب استعمال ٿي رهي آهي،ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ گٽڪو وڪرو ڪرڻ تي پابندي آهي، پر ان لاءِ ڪو قانون موجود نه هيو، جيڪو صرف ان وبا تي ڪنٽرول ڪري هاڻي اسان اهڙو قانون جوري رهيا آهيون ۽ هڪ بل ڪميٽي کي اماڻي ڇڏيو آهي، هڪ هفتي اندر ان بل تي سفارشون اچي وينديون، اوگرا پيٽرول جون قيمتون گهٽائڻ جي سفارش ڪئي هئي پر وفاقي حڪومت قيمتون گهٽ نه ڪيون ويتر بجلي اگهه ۾ واڌ ڪري عوام تي تقريبن 53 ارب رپين جو ٻوجهه وجهي ڇڏيو آهي، اگهن ۾ واڌ سان عام شهري سخت متاثر ٿيندو، مهانگائي جي ڪري پهريان ئي عوام جي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي، وڌيڪ 30 پيسا في يونٽ اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ تقريبن 30 ارب رپين جو ٻوجهه پيو آهي، حڪومت شهرين جي مٿان 80 ارب رپين جو ٻوجهه وڌو آهي، دوائن جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، بيمارين ۾ ورتل غريب ماڻهو علاج ڪرائڻ کان قاصر بڻجي ويا آهن، پي ٽي آءِ قيادت ۽ وفاقي وزير  ڳالهه مڃڻ جي لاءِ تيار نه آهن ته پاڪستان جي معيشت خراب حالت ۾ آهي، دعويٰ اها هئي ته اسان بحران مان نڪري آيا آهيون معيشت جي حالت بهتر ٿي آهي، ملڪ جا واپاري حڪومت ۽ وزير اعظم کان مايوس ٿي ويا آهن، نوبت اتي اچي پهتي آهي ته واپاري برادري جا اڳواڻ آرمي چيف وٽ ويا آهن ۽ شڪايتون ڪيون آهن ته اسان جو ڪاروبار تباهه برباد ٿي ويو آهي. حڪومت ڪا ڳالهه ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تيار نه آهي، ناڻي وارو وزير ۽ ايف بي آر ناڪام ٿي ويا آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهزادو وليم ۽ ڪيٽ مڊلٽن چترال پهچي ويا، شاندار آڌرڀاءُ، کين ليڊي دائنا جي تصويرن وارو يادگار البم پيش

چترال (م ڊ) برطانوي شهزادو وليم ۽ سندس زال ڪيٽ مڊلٽن پاڪستان جي دوري جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے