Home / رانديون / پاڪ سريلنڪا سيريز جو پهريون ميچ اڄ نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿيندو

پاڪ سريلنڪا سيريز جو پهريون ميچ اڄ نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿيندو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ ون ڊي سيريز جو پهريون ميچ اڄ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو جنهن جي لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.ذريعن موجب نيشنل اسٽيڊيم جي چئني طرف ڪنٽينر پهچايا ويا آهن جڏهن ته ڪارساز روڊ، اسٽيڊيم روڊ، ڊالميا روڊ ۽ ٻين غير ضروري روڊن ۽ گهٽين کي بند رکيو ويندو.نيشنل اسٽيڊيم ۽ ان جي چوطرف ٽريفڪ جي روانگي بحال رکڻ جي لاءِ ٽريفڪ پلان تحت عمل ڪيو ويندو. ٽريفڪ پوليس اهلڪار ميچ جي شروعات کان وٺي ميچ جي ختم  ٿيڻ تائين ٽريفڪ جي رواني کي بحال رکڻ  جي لاءِ موجود هوندا. ياد رهي ته پاڪ سريلنڪا ون ڊي سيريز جي لاءِ انتظاميه کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. هوڏانهن ڊي جي رينجرز ميجر جنرل عمر بخاري نيشنل اسٽيڊيم جو دورو ڪري سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

بابر اعظم هڪ سئو رنسون ٺاهيندڙ ٽيون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو

سڊني (اسپورٽس نيوز) بابر اعظم گابا ۾ هڪ سئو رنسون ٺاهيندڙ ٽيون پاڪستاني رانديگر بڻجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے