Home / شوبز / قنديل بلوچ جي قتل بابت ڪيس جو فيصلو سڀاڻي تائين محفوظ

قنديل بلوچ جي قتل بابت ڪيس جو فيصلو سڀاڻي تائين محفوظ

ملتان (شوبز نيوز) عدالت ماڊل قندير بلوچ جي قتل بابت ڪيس جو فيصلو سڀاڻي تائين محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.ملتان جي سيشن ڪورٽ ۾ قنديل بلوچ قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ماڊل ڪورٽ جي جج عمران شفيع ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جوابدارن وسيم، مفتي عبدالقوي، اسلم شاهين، ظفر اقبال، عبدالباسط ۽ حق نواز عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ جوابدارن جي وڪيلن ۽ پراسيڪيوشن طرفان دليل مڪمل ڪيا ويا جنهن کان پوءِ عدالت  ڪيس جو فيصلو سڀاڻي تائين محفوظ ڪري ڇڏيو.واضح رهي ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت قنديل بلوچ جي والدين طرفان پٽن کي معاف ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. قنديل بلوچ کي 15 جولاءِ 2016 ۾ قتل ڪيو ويو هو. پوليس جي جاچ مان خبر پئي آهي ته کيس گهٽو ڏئي ماريو ويو هو.قنديل جي ڀاءُ وسيم گرفتاري کان پوءِ ڏوهه قبول ڪري ورتو هو. پر عدالت ۾ باقاعده فرد جرم لاڳو ڪئي وئي ته هن انڪار ڪر يڇڏيو هو. ڪيس ۾ مذهبي اسڪالر مفتي قوي سميت عبدالباسط، ظفر اقبال، اسلم شاهين ۽ حق نوز کي گرفتار ڪيو ويو هو پر مفتي قوي ۽ محمد وسيم کي ضمانت تي ازاد ڪيو ويو هو.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊرامه سيريل ”ميري پاس تم هو“ جو ڊائلاگ ”دو ٽڪي“ هر دوکو ڏيڻ واري لاءِ آهي: احسن خان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) اداڪار احسن خان چيو آهي ته ڊرامه سيريل ”ميري پاس تم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے