Home / انٽرنيشنل / انڊونيشيا ۾ زلزلو، 4 ڄڻا اجل جو شڪار، ڪيترائي زخمي

انڊونيشيا ۾ زلزلو، 4 ڄڻا اجل جو شڪار، ڪيترائي زخمي

جڪارتا(مانيٽرنگ ڊيسڪ) انڊونيشيا جي ٻيٽ تي شديد زلزلي هڪ دفعو ٻيهر تباهي مچائي ڇڏي آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اوڀر انڊونيشيا جي ٻيٽ مالوڪو ۾ ايندڙ زلزلي جي شدت 6.5 ڪارڊ ڪئي وئي ۽ ان جو مرڪز امبون شهر  کان 23  ميل پري هو. انڊونيشن اختيارين ٻڌايو  آهي ته مقامي وقت موجب زلزلو صبح 9 بجي جي ويجهو آيو جڏهن ته زلزلي سبب سونامي جو ڪوبه خطرو ناهي. پر  ان کي طاقتور زلزلي جي طور تي رڪارڊ ڪيو ويو آهي.آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلي جو مرڪز اولهه امبون کان 23 ميل  پري هو. ميڊيا رپورٽ موجب زلزلي سبب امبون شهر ۾ واقعي  يونيورسٽي جي بلڊنگ جزوي طور تي تباهه ٿي آهي جنهن سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.زلزلي سبب فوري طور تي ٿيندڙ مالي نقصان جا اطلاع  نه ملي سگهيا آهن. البته قومي ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي طرفان روڊن ۽ بلڊنگن ۾ ڏار پوڻ جون تصويرون جاري ڪيون ويون آهن.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 57 ڄڻا فوت ٿي ويا، انگ 360 ٿي ويون

بيجنگ ( مانيٽرنگ ڊيسڪ) چين ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگيون 360  ٿي ويون . فرانسيسي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے