Home / پاڪستان / آزاد ڪشمير ۾ وري زلزلو، ڪيترائي ماڻهو زخمي، متاثرن ۾ خوف وڌي ويو

آزاد ڪشمير ۾ وري زلزلو، ڪيترائي ماڻهو زخمي، متاثرن ۾ خوف وڌي ويو

اسلام آباد(مانيٽرنگ ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي علائقي ميرپور  ۽ پاڪستان جي شهر جهلم ۾ ٻه ڏينهن اڳ ايندڙ زلزلي جي آفٽر شاڪس جو سلسلو اڃان به جاري آهي  ۽ زلزلي جي تازه ترين جهٽڪن ۾ 32 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب آزاد ڪشمير ۾ ميرپور جي علائقي سابنگ ڪڪري ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن. جهلم شهر ۽ آسپاس ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جي شدت 4.4 رڪارڊ ڪئي وئي جهلم شهر ۽ آسپاس ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جي شدت 4.4 رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته زلزلي جو مرڪز جهلم کان اتر طرف 6 ڪلوميٽر پري هو. زلزلو ماپيندڙ  مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز جهلم ويجهو موجود فالٽ لائين ئي هو. زلزلي کان پوءِ خوف حراس سبب ماڻهو پنهنجي گهرن مان ٻآهر نڪري آيا.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب زخمين جو انگ 20 کان وڌي ويو ۽ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ آندل زخمين جو انگ 32 ٿي ويو آهي. گهڻا زخمي تهورتهال جي علائقي مان آندا ويا. گذريل ڏينهن به آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ 3.2 شدت جا آفٽر شاڪس محسوس ڪيا ويا هئا.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت جي حدن ۾ مداخلت ڪري رهي آهي: وڏي وزير

ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نيب آرڊينيننس جي ترميم جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے