نڪور خبرون
Home / سنڌ / لياقت قائمخاني خلاف ڪارروائي جو دائرو وڌايو ويو، ٻئي گهر تي به ڇاپو

لياقت قائمخاني خلاف ڪارروائي جو دائرو وڌايو ويو، ٻئي گهر تي به ڇاپو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب جو اڳوڻي ڊي جي پارڪس لياقت قائمخاني خلاف وڌيڪ سخت ڪارروائي جو ارادو جوابدار جي ٻي گهرواري جي گهر مان ڇاپي ۾ اهم دستاويز تحويل ۾ ورتا ويا ذريعن مطابق لياقت قائخاني جي خلاف ڪارروايونجاري اهن پي اي سي ايڇ ايس ۾ جوابدار جي ٻي زال جي گهر به نيب ڇاپو هنيو ڇاپي وقت اهم دستاويز تحويل ۾ ورتا ويا لياقت قائمخاني جي انڪشافن تي نيب ڪارروائي ڪئي نيب جي ٽيم ڇاپو هڻي جوابدار لياقت قائمخاني کي به گڏ وٺي ويئي هئي نيب ٽيم سان پوليس جي ليڊي ڪانسٽيبل به موجود هئي ذريعن مطابق نيب لياقت قائمخاني جي فرنٽ مين جي ڇنڊڇاڻ شروع ڪري ڇڏي لياقت قائمخاني پارڪس جي نئين سر تعمير جي جن ڪمپنين کي ٺيڪا ڏنا انهن جي خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي نيب لياقت قائمخاني کي ڇاپي کان پو3 ڪراچي مان پنڊي منتقل ڪري ڇڏيو جوابدار جسماني ريمانڊ تي نيب جي تحويل ۾ آهي نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار جي گهر مان هٿ آيل دستاويزن جي روشني ۾ جاچ ڪئي ويندي.

 

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهزادو وليم ۽ ڪيٽ مڊلٽن چترال پهچي ويا، شاندار آڌرڀاءُ، کين ليڊي دائنا جي تصويرن وارو يادگار البم پيش

چترال (م ڊ) برطانوي شهزادو وليم ۽ سندس زال ڪيٽ مڊلٽن پاڪستان جي دوري جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے