Home / پاڪستان / آصف زرداري ۽ نوازشريف کي جيل ۾ بي ڪلاس مليل

آصف زرداري ۽ نوازشريف کي جيل ۾ بي ڪلاس مليل

لاهور( م ڊ)  اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ٻئي ڄڻا مبينه ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار  ۽ جيل ۾ قيد آهن.ذريعن موجب آصف زرداري ۽ نوازشريف ٻئي بيمار آهن جنهن سبب هو مسلسل دوائن جو استعمال ڪندا آهن. اڳوڻي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم ٻنهي کي جيل ۾ بي ڪلاس جي سهوليت مليل آهي جڏهن ته ٻنهي کي صرف فيملي ميمبرن ۽ وڪيل سان ملڻ جي اجازت آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته اڳوڻي صدر آصف زرداري کي جيل ۾ ايئرڪنڊيشن جي سهوليت ناهي جڏهن ته نوازشريف کي اها سهوليت ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عدالت جي حڪم جي باوجود آصف زرداري کي جيل ۾ ايئرڪنڊيشن فراهم ناهي ڪيو ويو. جيل قانون موجب ڪنهن به قيدي کي ايئرڪنڊيشن جي سهوليت نٿي ڏئي سگهجي ان ڪري نوازشريف کي ميڊيڪل بورڊ جي سفارشن تي ايئرڪنڊيشن فراهم ڪيو ويو ۽ ميڊيڪل بورڊ جي سفارشن تي ئي نوازشريف کان ايئرڪنڊيشن جي سهوليت واپس وٺي سگهجي ٿي.آصف زرداري جي وڪيل ٻڌايو ته اڳوڻي صدر جيل ۾ تلاوت ٻڌڻ جي لاءِ آئي پيڊ گهريو جنهن کان انڪار ڪيو ويو. ان حوالي سان جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته جيل قانون تحت ڪنهن به قيدي کي آئي پيڊ فراهم نٿو ڪري سگهجي. واضح رهي ته نيب جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري کي گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته نوازشريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ 7 سال جي سزا ٻڌائي آهي.

About admin

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت ۽ وزيرن کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هو مديني جي رياست ٺاهي رهيا آهن: جاويد اقبال

اسلام آباد: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) نيب چيرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال چيو آهي ته حڪومت ۽ وزيرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے